خانپورمهر (رپورٽ : ميهرمهر)حرن جو روحاني پيشوا پير سيد صبغت ﷲ شاھ راشدي پير پاڳارو روحاني سفر جي سلسلي ۾ خانپورمهر ۾ مرحوم فقير شير محمد پتافي جي پٽن در محمد ۽ خان محمد پتافي جي جهلي تي پهتو، جتي مريد توڙي عقيدت مند وڏي انگ ۾ پهچي ويا، ان موقعي پير پاڳاري ديدار ڪرايو ۽ دعا خير گهري جنهن بعد هو ڳوٺ نظام الدين مهر، ڳوٺ سجاول مهر سميت مختلف ڳوٺن ڏانهن روانو ٿي ويو، ذريعن موجب پير پاڳارو رات شاھپورمھر ڀرسان ساهڙ فقير مهر وٽ ترسندو جتي صبح جو مريدن کي روحاني ديدار ڪرائيندو ۽ خصوصي خطاب پڻ ڪندو.