يروشلم (م ڊ) اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي ته فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جنگ بندي معاهدي جي مسودي تي اتفاق ڪري ورتو. ان بابت ٽياڪڙن کي آگاهه ڪيو ويو. پهرئين مرحلي ۾ هڪ هزار فلسطينين جي اسرائيلي جيلن مان آزادي ٿيندي. حماس شهيد اڳواڻ يحييٰ سنوار جي مڙهه جي واپسي جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي سينيئر اسرائيلي عملدارن موجب اسرائيل يحييٰ سنوار جو مڙهه حماس کي نه ڏيندو. ٻئي پاسي عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته جنگ بندي 42 ڏينهن تائين جاري رهندي، پهرئين ڏينهن حماس 3 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪندو. 7 ڏينهن کانپوءِ وڌيڪ 4 يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو ۽ هر 7 ڏينهن کانپوءِ يرغمالي آزاد ڪيا ويندا. اسرائيلي فورسز غزا جي پٽي جي وچ وارن علائقن کي خالي ڪنديون.
-
ملڪ رياض 190 ملين پائونڊ ڪيس جا پول پڌرا ڪرڻ لاءِ تيار
دبئي (جنيد سليم) ملڪ رياض کي پارڪنسن جي بيماري ٿي چڪي آهي. هن ڪجهه دوستن کي ٻڌايو ته هو 190 ملين پائونڊ ڪيس جي سلسلي ۾ پاڪستان وڃي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هن ڪيس ۾ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار هو ڇو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو افسوسناڪ آهي. جيڪي طاقتون کيس ٻاهر رکڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيون آهن کين خبر آهي ته جيڪڏهن هن اچي ٻڌائي ڇڏيو ته هو گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو. دبئي ۾ هن دوستن کي ٻڌايو ته هي سسٽم وڃي رهيو آهي، گهڻا ڏينهن نه لڳندا. هن مثال ڏنو ته وڏن ٽاورن جا بنياد مضبوط نه هجن ته اهي ٽاور ڪري پوندا آهن.