ميرو خان ويجهو پراڻي تڪرار تان گهر تي حملو، پيءُ ٻن پٽن سميت قتل

ميروخان (رپورٽ:صفدر تنيو) ميروخان ٿاڻي جي حد ڳوٺ قائم خان چانڊيو ويھڙ ۾ مبينا پراڻي زميني تڪرار تان ڀاڻيجن فائرنگ ڪري سڳي مامي ۽ ٻن ماروٽن کي قتل ڪري ڇڏيو آھي،  رابطو ڪرڻ تي ميروخان ٿاڻي جي وڏي منشي نيڪ کوسو ٻڌايو آھي ته ميروخان لڳ ڳوٺ قائم خان چانڊيو ۾ پراڻي تڪرار تان باقر چانڊيو  ۽ ٻين جوابدارن فائرنگ ڪري پنھنجي مامي 60 ورھين جي علي ڏنو چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن 30 ورھين جي ڪمال ۽ 19 ورھين جي نادر کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آھن اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتولن جا لاش تعلقي اسپتال کڻائي آئي جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آھي نيڪ کوسي جو وڌيڪ اھو به چوڻ ھيو ته 2010ع ۾ مقتول علي ڏنو پنھنجي ڀيڻيوي ۽ سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو ھو جنھن جي پلاند ۾ واقعو پيش آيو آھي جيڪي قمبر تعلقي جي مھي مڪول ٿاڻي جي حد ڳوٺ بچل چانڊيو جا رھواسي آھن واقعي بعد جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن جن جي گرفتاري لاءِ پوليس طرفان ڪوششون جاري آھن ھڪ پڇيل سوال جي جواب ۾ ميروخان ٿاڻي جي وڏي منشي چيو ته ھن وقت تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي مقتولن جي تدفين بعد وارث ايندا ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو جڏھن ته واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکيڙجي ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.