ڪراچي ( رپورٽر)ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ جنرل فزيشنز کان وٺي ڪنسلٽنٽس ۽ پروفيسرن پنهنجي فيسن ۾ گذريل ٽن سالن دوران 35 کان 50 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي.صوبي جي پبلڪ هيلٿ ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ صحت کاتي وٽ ڊاڪٽرن ۽ خانگي اسپتالن جي فيس مقرر ڪرڻ جو ڪو به اختيار يا پاليسي ناهي، ڊاڪٽر کان وٺي پروفيسرن تائين، سندن فيس 100 کان 2 هزار رپيا يا ان کان به وڌي وئي آهي. . سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو چوڻ آهي ته اسان جو ڪم ڊاڪٽرن جي فيس مقرر ڪرڻ ناهي. مريضن جو چوڻ آهي ته هن مهانگائي جي دور ۾ ڊاڪٽرن جون فيسون وڌائڻ نامناسب عمل آهي،
حڪومت کي ان حوالي سان ڪا پاليسي ٺاهڻ گهرجي. وڌيڪ فيس ۽ دوائن جي اگهن ۾ واڌ سبب اڪثر مريض عارضي علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن.