اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پي آءِ اي جي پيرس لاءِ اڏامن جي بحالي تي ٺاهيل اشتهار بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي. جڏهن چئن سالن کانپوءِ يورپي يونين جي پابندي هٽائڻ تي پي آءِ اي جي اڏام پيرس لاءِ اڏام ڀري ته ايئرلائن طرفان اشتهار ٺاهيو ويو هو جيڪو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو ۽ تنقيد ڪئي وئي. واهپيدارن تنقيد ڪندي چيو هو ته اهو پيرس واپسي جو پيغام آهي يا ايفل ٽاور ڪيرائڻ جو چتاءُ؟ سينيٽ ۾ خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏنو ته ان اشتهار جو ڪنهن سوچيو؟ اهو اشتهار احمقاڻو آهي، اوهان ايفل ٽاور ڏيکاري رهيا آهيو، جهاز ان جي مٿان به ڏيکاري سگهجي پيو، وري اسان اچون پيا جو نعرو، جهاز جو رخ ئي ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو ها. جنهن به اهو ڪيو آهي ان جي باقاعده جاچ ٿي رهي آهي.