ڪراچي (رپورٽر ) ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خانگي ميمبرن جي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ صوبي ۾تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪميشن جي قيام۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڪرپشن توڙي بي ضابطگين بابت مخالف ڌر جي قراردادن کي رد ڪيو ويو، جڏھن تھ ايم ڪيو ايم جي عورت ميمبر فوزيه حميد جي آٽزم سينٽر ۽ آٽزم جي علاج جي تربيت لاءِ مرڪز جي قيام جي قرارداد کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. ايوان جي ڪارروائي دوران اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ صوبي اندر بجلي جي غير اعلانيه لوڊشيڊنگ بابت پيپلز پارٽي جي ميمبر هير سوهو جي التوا واري رٿ تي ايندڙ جمعي ڏينھن ٻن ڪلاڪن لاءِ بحث ڪيو ويندو،سوالن جوابن جي وقفي دوران سماجي ڀلائي واري وزير طارق ٽالپر پاران اطمينان جوڳو جواب نھ ملڻ تي مخالف ڌر جو اڳواڻ علي خورشيدي سخت ڪاوڙيل هو. جنھن چيو تھ سنڌ ۾پيپلز پارٽي 16 سالن کان اقتدار ۾ آهي، ڇا ان کان اڳ هتي بي جي پي جي حڪومت هئي، جنهن کي ترقياتي ڪمن ۾ دير جو ذميوار قرار ڏنو وڃي؟ ايوان جي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر راشد خان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا ڪرپشن ۽ بي ضابطگين بابت هڪ قرارداد پيش ڪئي، جنھن جي مخالفت ڪندي پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو تھ انھيءَ موضوع تي گهڻو ڪجهه ڳالهايو ويو آهي، عدالت جي هدايتن تحت ڪيتريون ئي شيون ڪيون پيون وڃن، ان ڪري انھيءَ تي وڌيڪ بحث نٿو ڪري سگهجي،صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته اسين آٽزم وارن ٻارن کي تربيت فراهم ڪندا آهيون، ايم ڪيو ايم ميمبر طحه احمد وزير کان پڇيو تھ ڪي بھ پنج اهڙا منصوبا ٻڌايا وڃن، جن تي سنڌ حڪومت فخر ڪري سگهندي ھجي. صوبائي وزير سماجي ڀلائي طارق ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اي اين ايف سان گڏجي سٺو ڪم ڪري رهي آھي، اهي ٻين ضلعن ۾ به سٺو ڪم ڪن ٿا. ان کان سواءِ هي کاتو ٽرانس جينڊر لاءِ پڻ ڪم ڪري رھيو آھي،متحده جي ڊاڪٽر باسط شڪايت ڪئي ته ھو گذريل هفتي کان ڪجهه دستاويز گهري رهيو آھي، ڇاڪاڻ ته هو سماجي ڀلائي کاتي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين آهي، پر کيس اهي دستاويز مھيا نھ ٿا ڪيا وڃن، مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو تھ سنڌ جو وڏو وزير هميشه پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ مختلف کاتن لاءِ وڏي پئماني تي مختص ڪيل رقمن جو اعلان ڪندو آهي، پر اهي منصوبا ڪنهن به سال ۾ مڪمل نه ٿيندا آهن، هوڏانهن صوبائي وزير بلديات سعيد غني چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ايڪسپريس وي (شاهراهه ڀٽو) بابت سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي غلط خبرون هلايون ويون آهن، هن ايم ڪيو ايم جي معزز ميمبر ڊاڪٽر باسط طرفان وزير سماجي ڀلائي لاءِ غير پارلياماني زبان جي استعمال تي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪنهن کي به ڪنهن جي تذليل جو حق ناهي.