ميرپورماٿيلو(ن ع آ ) اڳوڻي ايم پي اي سردار شهر يار خان شر مٿان ٿيل حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، جنھن ۾ گرفتار اڳوڻي ايس ايڇ او رونتي عبدالشڪور لاکو پاران ضمانت لاءِ ڏنل درخواست تي ٻنهي ڌرين جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا جنهن بعد عدالت سڳوري ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد اڳوڻي ايس ايڇ او شڪور لاکو جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.