ڪراچي (رپورٽر) پوليس اهلڪار سميت ٽن ماڻهن کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت 2009 ۾ چاڪيوڙه ٿاڻي ۾ داخل قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي عزير بلوچ کي آزاد ڪري ڇڏيو، جوابدار جي وڪيل فاروق حيدر جتوئي چيو ته عزير بلوچ جو ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، عزير بلوچ کي گرفتار جوابدارن جي بيان جي روشني ۾ ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو هو،گرفتار ڪيل ٻيا جوابدار پهريون ئي ڪيس مان آزاد ٿي چڪا آهن، عزير بلوچ جي ڪنهن به اکين ڏٺن شاهدن سڃاڻپ نه ڪئي، ٻڌڻي دوران عزير بلوچ طرفان وڪيل فاروق حيدر جتوئي ۽ طيب بندهاني عدالت ۾ پيش ٿيا.