ڏھرڪي ( رپورٽ اجيت ڪمار) جسقم شهيد بشير خان قريشي جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، نصرالله ڪلادي، سائين جي ايم سيد جي سالگره کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ رابطا مهم جي سلسلي ۾ پهتا جتي جسقم اڳواڻ حيدر خان شر ميرحسن لاشاري رحيم ديشي جاويد ديشي ۽ ٻين ڪارڪنن شاندار استقبال ڪيو،ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو تـ سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍي سنڌ جي حصي جي پاڻيء جو رخ موڙڻ لاءِ پنجاب آصف زرداري جي ڪلھي تي بندوق رکي آھي پر اسين واضح ٿا ڪريون تـ اسان جو سنڌي قوم ۽ عوام ۾ مڪمل ويساھ آھي،اسين ڪئنالن کي ھر صورت ۾ رد ڪرائي سوڀارا ٿينداسين.