راولپنڊي (م ڊ) سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي ڪچي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 27 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻن جو گهيراءُ ڪندي اثرائتي ڪارروائي ڪئي وئي. دهشتگردن جي ٿاڪن، هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به تباهه ڪيو ويو. مارجي ويل دهشتگرد فورسز ۽ شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. آءِ ايس پي آر چيو ته سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير محسن نقوي دهشتگردن خلاف ڪارروائي تي سڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي.