هڱورجا(ن ع آ) هڱورجا جو صحافي فياض سولنگي گذريل شام هڱورجا کان پنهنجي ڳوٺ ملهيراڻي سولنگي وڃڻ دوران پراسرار نموني گم ٿي ويو سندس موٽر سائيڪل سندس ڳوٺ واري روڊ تان لاوارث حالت ۾ هٿ آئي آهي ۽ گذريل 24 ڪلاڪن کان سندس موبائيل نمبر پڻ مسلسل بند آهن .جڏهن ته واقعي جي 24 ڪلاڪن گذرڻ جي باوجود سندس ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي هن ڏس ۾ ڊي ايس پي صوڀوديرو سيد ضمير حسين شاهه،ايس ايڇ او صوڀوديرو ۽ ايس ايڇ او هڱورجا کي ساڻ ڪري ان هنڌ جو معائنو ڪيو بعد ۾ پريس ڪلب هڱورجا تي صحافي اتحاد خيرپور جي چيئرمين غلام حسين چانگ ۽ ٻين صحافي اڳواڻن سان ملاقات ڪري چيو ته فياض سولنگي جي گم ٿيڻ واري واقعي توڙي سندس بازيابي جي لاءِ مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ کيس جلد بازياب ڪرايو ويندو . هن ڏس ۾ فياض سولنگي جي ڀاءُ ايڊووڪيٽ اشتياق حسين سولنگي چيو ته سندس ڀاءُ جي واقعي ۽ هن مهل تائين ڏس پتو نه ملڻ سبب اسان کي خدشو آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي ٻئي طرف صحافي اتحاد خيرپور جي چيئرمين غلام حسين چانگ چتاء ڏنو آهي ته صحافي فياض سولنگي کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب نه ڪرايو ويو ته سڄي ضلعي اندر احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا .ھوڏانھن گمبٽ بارايڊووڪيٽ اشتياق سولنگي جي ڀاءُ صحافي فياض سولنگي جي مبينا اغوا واري معاملي تي گمبٽ بار پاران سڀاڻي عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ اعلان ڪري ڇڏيو گمبٽ بار جي جنرل سيڪريٽري سيد جعفر شاھ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي ت صحافي فياض سولنگي جي بازيابي کي ممڪن بڻايو وڃي ٻي صورت عدالتي بائيڪاٽ جاري رکيو ويندو.