سيوھڻ(ن ع آ)بلوچستان سان تعلق رکندڙ سياسي شخصيت ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سردار يار محمد رند سيوھڻ جي معزز شخصيت سيد شمن شاهه بخاري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ واسين کي به بلوچستان وانگر روڊن تي نڪري مزاحمت ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بلوچستان جي صورتحال اڳ ۾ ئي خراب آهي، ٻيو وري ھاڻي سنڌ لاءِ 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ جو اشو ڇڏيو ويو آهي جنهن مان لڳي ٿو ملڪ جون حالتون ڄاڻي واڻي خراب ڪيون پيون وڃن. ھن چيو ته جيڪڏهن سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ڪڍيا ويا ته يقين سان چوان ٿو ته سنڌ تباهه ٿي ويندي ۽ سنڌ ۾ بلوچستان جھڙيون حالتون پيدا ٿي وينديون، اھا ڪٿان جي عقلمندي آهي ته سنڌ کي برباد ڪري پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪيو وڃي ھن چيو ته سڀني کي خبر آهي ته رليف يا اين آر او ڪٿان ملندو آهي ۽ ڏيڻ وارا ڪير آهن باقي مون کي اھا حڪومت گهڻو وقت ھلندي نظر نٿي اچي،هن چيو ته مون پي ٽي آئي ناهي ڇڏي