ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي کان سکر ويندڙ 3 نوجوانن کي هٿياربندن اغوا ڪري ورتو، وارثن جو چوڻ آهي ته اغوا ڪندڙن سندن بازيابي لاءِ 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي. زنجيرن سان ٻڌل نوجوانن جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ڪراچي واسي 3 نوجوانن کي ڌاڙيلن اغوا ڪري ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته مغوي ڪراچي جي علائقي گلبهار ۾ ڪارپٽ جي صفائي ۽ صوفن جي مرمت جو ڪم ڪندا هئا. مغوين ۾ 2 سئوٽ ۽ ڪاريگر شامل آهي.پوليس موجب جوابدارن ٽنهي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريءَ جي آڇ ڪئي، جڏهن ته سکر پهتا ته جوابدارن نوجوان کي يرغمال بڻائي ورتو اغوا ڪندڙن کين آزاد ڪرڻ لاءِ 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي.