ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ترقي ۽ جديد بڻائڻ جي منظوري ڏيندي اداري جي اهم ڪردار کي برقرار رکڻ جو عزم ڪيو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل بورڊ آف گورنرز جي خاص اجلاس جي صدارت صدر زرداري ڪئي جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ۽ ٻين اهم عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر زرداري اجلاس جي شروعات ۾ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو کي پنهنجو علمي درسگاهه قرار ڏيندي ان جي بهتري لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس دوران ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي بنيادي سهولتن جي اپ گريڊ ۽ نون منصوبن جي منظوري ڏني وئي، جن ۾ انفراسٽرڪچر جي بهتري، سوئمنگ پول، گھوڙي سواري ڪلب، ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي شامل آهن. صدر زرداري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو کي عالمي سطح تي نمايان ڪرڻ لاءِ ان جي انتظاميا ۽ فيڪلٽي جي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ ڪاليج جي اسٽاف لاءِ خاص پگهار پيڪيج جو اعلان ڪيو. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن دوران صدر زرداري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ترقياتي منصوبن تي جلد عمل لاءِ هدايتون جاري ڪيون. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي انڊومينٽ فنڊ کي 406 ملين رپين کان وڌائي هڪ ارب رپيا ڪيو ويندو. "آصف علي زرداري ماڊل هاءِ اسڪول پيٽارو” جو قيام عمل ۾ آندو ويندو، اسٽاف ۽ مقامي برادري جي ٻارن کي معياري تعليم فراهم ڪرڻ لاءِ نئين اسڪول جي منظوري ڏني وئي. تدريسي ۽ وزارتي اسٽاف لاءِ 52 نون گهرن جي تعمير، تعليمي بلاڪ جي واڌ ۽ هڪ نئين ميس جي تعمير جي منظوري ڏني وئي. وڏي وزير بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪيڊٽ ڪاليج لاءِ 200 ملين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني ته جيئن ملازمن جي پينشن جي بقايا ادا ڪري سگهجن. بجلي جي خرچن کي گهٽائڻ لاءِ 1.5 ميگاواٽ جي سولر پاور پلانٽ لڳائڻ واري منصوبي تي ڪم جاري آهي.