واوڊا ۽ خواجا آصف وٽ فيصلي جي لکت ڪٿان آئي؟: پي ٽي آءِ

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته جج پنهنجي مرضي سان 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي ڪيو، فيصلو نه اچڻ ڪنهن ڊيل جو نتيجو ناهي، اڊيالا جيل  ٻاهران تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته هنن کي ڀت تي لکيل نظر اچي رهيو آهي ته سندن خلاف انصاف نه ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ساڻن انصاف ٿئي ها ته پي ٽي آءِ باني ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف القادر ٽرسٽ جو فيصلو گهڻو اڳ اچي چڪو هجي ها، پي ٽي آءِ باني کي ڪيسن جي ڪابه پرواهه ناهي، هو فيصلو ٻڌڻ لاءِ عدالت آيا هئا، باني کي جيل کان عدالت آڻڻ جيل انتظاميا جو ڪم هو، اعليٰ عدليا مان اميد آهي، هو اعليٰ عدالت ۾ ويندا، جهڙي طرح ٻيا ڪيس ختم ٿيا هي به ختم ٿي ويندو، سلمان اڪرم راجا چيو ته ڳالهين وارو عمل جاري آهي، ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ڳالهين جو ٽيون اجلاس 15 جنوري تي ٿيندو، ڊيل نه ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ جمهوريت ۽ انصاف لاءِ ڳالهين جاري رهنديون، ان کانپوءِ شبلي فراز عمر ايوب ۽ سلمان اڪرم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان جيل ۾ آهي، ان کي پيش ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، عمر ايوب چيو ته فيصل واوڊا ۽ خواجا آصف چئي رهيا هئا ته فيصلو عمران خان خلاف ايندو، ڇا اهي جج آهن؟ انهن وٽ فيصلو ڪٿان آيو؟ هنن وٽ لکت ڪٿان آئي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.