غوثپور ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل

غوثپور ( ن ع آ) غوثپور ڀرسان دراني مهر پوليس ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ انور جاگيراڻي ڀرسان جاگيراڻي برادري  جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٻن ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان 3 ڪلاڪن تائين فائرنگ شروع ڪري ڏني فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، گوليون لڳڻ سبب 30 سالن جو نوجوان غلام سرور جاگيراڻي موقعي تي مارجي ويو،نوجوان جي مارجڻ کانپوءِ ڌرين ۾ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي،  واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي،  فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا،  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، مقتول جو  لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.