امن خراب ڪندڙن کي ڀرپور جواب ڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي قيام جي حوالي سان سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته دشمن خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندو پر پوئتي نه هٽنداسين ۽ ملڪ ۾ امن خراب ڪرڻ جي هر ڪوشش جو فيصلائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو،  آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪالهه پشاور جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر پشاور سندس آجيان ڪئي، آرمي چيف کي ملڪ جي موجوده سڪيورٽي صورتحال ۽ خارجين خلاف جاري آپريشنز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير ۽ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پڻ موجود هو، آرمي چيف پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قربانين ۽ عزم کي ساراهيندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي سيڪيورٽي ادارن جون شاندار ڪاميابيون قوم لاءِ فخر جو باعث آهن، هن چيو ته اسان جي فورسز بي مثال جرئت، پيشيوراڻي مهارت ۽ قربانين ذريعي دهشتگردن کي مؤثر طريقي سان ڪمزور ڪري رهيون آهن،  دهشتگردن جي اهم اڳواڻن خاتمو، انهن جي نيٽ ورڪ ۽ انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪري اهو پيغام ڏنو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي جي ڪا به جاءِ ناهي، اها جنگ جاري رهندي ۽ انشا الله اسان ان کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، آرمي چيف وڌيڪ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شهرين جي تحفظ ۽ امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهن، ڪيترن ئي حملن کي ناڪام بڻائي ملڪ ۾ امن قائم ڪيو آهي.هن هر آپريشن کي سيڪيورٽي فورسز جي عزم، پيشوراڻي تياري جو ثبوت قرار ڏنو، جنرل عاصم منير واضح پيغام ڏنو ته ملڪ جو امن خراب ڪرڻ جي هر ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، دشمن خوف ۽ افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو، پر اسان پوئتي نه هٽنداسين، دشمن عناصر سان لوهي هٿن سان مقابلو ڪيو ويندو ۽ کين وڏو نقصان پهچندو، پاڪ فوج جي جوانن جي بلند حوصلي کي ساراهيندي آرمي چيف چيو ته هو مادر وطن جي سالميت جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن ۽ پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ناقابل تسخير قوت طور متحد آهن.ان بعد آرمي چيف خيبرپختونخواهه جي مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ سياستدانن سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، شرڪت ڪندڙن دهشتگردي خلاف متحد سياسي آواز ۽ عوامي حمايت جي ضرورت تي زور ڏنو، سياسي نمائندن دهشتگردي خلاف قوم جي جنگ ۾ هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي غير متزلزل حمايت جو عزم ڪيو ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته انتهاپسندي جي نظريي جي خاتمي لاءِ سياسي اختلافن کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.