عدالت اندر الڳ بئنچ ڪيئن بڻائي سگهجي ٿي؟جسٽس منصور شاهه

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 191 اي ذريعي عدالت کان اختيار کسي ويا، ڇا اسان کان اهو اختيار واپس وٺي سگهجي ٿو؟جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪسٽم ايڪٽ جي سيڪشن 221 اي جي ذيلي شق 2 جي آئيني حيثيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عرفان سعادت خان به شامل هئا.ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته اهو معاملو آئين جي تشريح آهي ۽ موجوده آئيني ترتيب تحت هن بينچ کي اهو اختيار ناهي پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان کان اهو اختيار واپس وٺي سگهجي ٿو؟ اهو عدليه جي آزادي جو سوال آهي، آرٽيڪل 191 اي ذريعي عدالت کان عدالتي اختيار کسي ويو آهي، ان عدالت اندر الڳ بينچ ڪيئن ٺاهي سگهجي ٿي؟هن وڌيڪ چيو ته اهو عدليه جي آزادي ۽ دائره اختيار جي شقن سان ٽڪراءُ آهي، ان معاملي کي پهريان ڏسنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.