اسلام آباد(م ڊ) وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ پبلڪ پروڪيورمينٽ ۾ نئين شق کي شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي، نيشنل ڪميشن مينارٽي ايڪٽ جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آهي، نيشنل ويمن انٽرپرونيورشپ پاليسي ۽ ايڪشن پلان جو ڊرافٽ به ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، اهڙي طرح اي سي اي سي جي ملازمن لاءِ پئڪيج جي منظوري جا به امڪان آهن.