اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني 18 مهينن کان ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز احمد چوڌري جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪري ڇڏيا، جيڪي اپوزيشن ليڊر سينيٽر شبلي فراز جي درخواست تي جاري ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ سينيٽ رولز اينڊ ريگيوليشنز 2012ع جي رول 84 تحت اختيار استعمال ڪيا ويا، حڪم نامي ۾ لکيو ويو ته چيئرمين سينيٽ سينيٽ جي 345 هين اجلاس ۾ سينيٽر اعجاز چوڌري جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ ضروري سمجهي ٿو، سينيٽ جو اجلاس اڄ شام 4 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو.