سنڌ ۾ ٻارن جي موت شرح سڄي پاڪستان کان گهٽ ۽ ٿر بابت واويلا ٿيندي آهي: بلاول

ڪراچي(رپورٽر/ م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻارن جي موت جي شرح سڄي پاڪستان ۾ سڀ کان گهٽ آهي پر  ٿر ۾ ٻارن جي موت جي خبرن کي هرو ڀرو هائيٽ ڪيو ويو ۽ ٻارن جي موت جي شرح تي سنڌ حڪومت کي نشانو بڻايو ويندو آهي، سول اسپتال ڪراچي ۾ بارن جي تحفظ بابت تقريب  کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته سنڌ ۾ ٻارن جي موت جي شرح 1.2 سيڪڙو آهي جڏهن ته ٻين صوبن ۾ اها شرح 1.4 سيڪڙو آهي پر ٿر ۾ ٻارن جي موت جي شرح ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ هاڻي اسان جو خواب هر ضلعي ۾ چائلڊ لائف ايمرجنسي جي سهولت شروع ڪرڻ آهي ، پيپلز پارٽي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت ٻارن جي صحت جي حوالي سان انقلابي قدم کڻي رهي آهي، اسان جي صحت جي شعبي ۾ آيل تبديلين کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي، ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، ڪيليفورنيا جي يونيورسٽي ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي جي سول اسپتالن جي معيار کي تسليم ڪيو ۽ ساڳئي يونيورسٽي سنڌ ۾ ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي کي تسليم ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي فخر آهي ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ وفاق کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، بلاول چيو ته فنڊن جي فراهمي تي وفاق سان هميشا شڪايت رهي آهي، سنڌ خلاف ناڪاري مهم هلائي ويندي آهي، 18هين ترميم کانپوءِ صحت جا ادارا صوبن حوالي ٿي ويا آهن، سنڌ جي هر ضلعي ۾ ٽيلي ميڊيسن جي سهولت موجود آهي، خواب آهي ته هر ضلعي ۾ چائلڊ لائف ايمرجنسي سهولت فراهم ڪريون، تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ چائلڊ لائيف فائونڊيشن (CLF) جي وچ ۾ ڪامياب ڀائيواري صوبي ۾ ٻارن جي فوتگي شرح کي 2.9 سيڪڙو تائين گهٽائي ڇڏيو آهي جيڪو پاڪستان ۾ قومي شرح 5.4 سيڪڙو کان گهٽ آهي، 2010 کان وٺي سڄي سنڌ ۾ هر سال 10 لک کان وڌيڪ ٻارن جو ايمرجنسي رومز ۾ علاج ڪيو ويندو آهي، مراد علي شاهه سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي هن مشن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته سنڌ ۾ هر ٻار کي معياري صحت جي سهولتن تائين رسائي هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.