حيدرآباد/ميهڙ (رپورٽر/ فراز چنا ) مزاحمتي ڪردار سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو کي ڊاڪٽر جي اعزازي ڊگري سان نوازيو ويو اھڙي ڊگري کيس انڊس لاء ڪاليج ۾ سينئر استاد بيريسٽر ضامن حسين ٽالپور جي ھٿان ڏياري وئي ان موقعي تي ام رباب چانڊيو خوشيءَ جو اظھار ڪندي چيو ته ھو آمريڪا مان مليل اعزازي ڊگري کي پنھنجي ڌرتي جي استادن جي ھٿان وٺڻ قبوليو آھي ، ياد رھي ته ھي اعزازي ڊگري ڊاڪٽر ام رباب چانڊيو جي ظلم خلاف مسلسل جدوجھد ۽ انصاف جي حاصل ڪرڻ جي جنگ ۾ ڄمي بيھڻ جي مڃتا طور ڏني وئي آھي سندس ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ويو ته ڊاڪٽر ام رباب چانڊيو سنڌ جو سر فخر سان بلند ڪندي نياڻيون پڙھائڻ ضروري سمجھيو آھي ۽ هوءَ شعور جي پاسي بيٺل رھي آھي ،ڊاڪٽر ام رباب چانڊيو ايوارڊ وٺڻ کان پوءِ پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته پاڪستان جي سڀ کان گھٽ عمر جي شخصيت طور انڊس ڪاليج آف لا حيدرآباد مان اڄ ڊاڪٽر جي ڊگري ملڻ تي مان رب پاڪ جي شڪرگذار آھيان،بئريسٽر ضمير ٽالپر چيو ته رباب چانڊيو 2017ع کان جڏهن کان اسان جي ڪاليج جي شاگردياڻي بڻي تڏهن کان هن پنهنجي محنت ۽ بهادري سان پنهنجو مقام ٺاهيوآهي،هوءَ نئين نسل لاءِ اتساهه بڻيل آهي