پاڪستان ۾ پوليو خلاف جنگ ھر شھري لاءِ چئلنج ڪيئن پھتي؟

تحرير: عائشھ رضا فاروق

پاڪستان ۾ پوليو خلاف جنگ جي تاريخ اٽل ارادي جي اڻڳڻين ڪھاڻين سان ڀري پئي آھي.جنھن ۾ خاندانن ۽ فرنٽ لائن ورڪرز جون قربانيون نمايان آھن.ان ھوندي بھ ان تاريخ ۾ اھڙا موقعا بھ شامل آھن جيڪي ڪٽنبن کي دروازن جو ڪڙو کڙڪائيندا رھيا.پر اھي انھن مان فائدو  وٺڻ کان محروم رھيا.

حقيقت ھي آھي تھ پوليو جي متاثر فردن جي تڪليف کي صرف انھن جا مائٽ ۽ سندن سار سنڀال ڪندڙ ئي ٺيڪ طور تي محسوس ڪري سگھن ٿا.پر افسوس واري ڳالھھ ھي آھي تھ ٻارن جي کي پوليو جا ڦڙا نھ پيارڻ تي ٿيندڙ پڇتاءُ  نھ تھ بيماري جي اثر کي ختم ڪري سگھي ٿو  ۽ نھ ئي ٻارن صحت کي وري ٺيڪ ڪري سگھي ٿو. اھا بھ ھڪ حقيقت آھي تھ پوليو جي متاثر ٻارن جي اڪثر مائٽن کي ان جو ادارڪ گھڻو دير سان ٿيندو آھي.

خروٽ آباد،ڪوئٽيا جي 24 ورھيھ بھادر طالب علم آمو خان خروٽي جا لفظ اڄ بھ منھنجي ذھن ۾ پڙاڏو بڻجي رھيا آھن. آمو خان خروٽي ٻڌائي ٿو تھ ڪھري ريت ھلڻ جي صلاحيت کان محروم ٿيڻ بعد ھو پنھنجي ماءُ کان اھو سوال ڪندو ھو تھ آيا ڪڏھن ھن پوليو ٽيم کي ھن کي پوليو پيارڻ جي اجازت ڏني ھئي ؟ ھن جي ماءُ جو جواب ھيشھ ”نھ“ ھوندو ھو.ويڪسين نھ ملڻ سبب ٻنھي ڄنگھن کان محروم ٿيندڙ آمو ڪئين ڏکيائين کي منھن ڏنو.جنھن ۾ اسڪول بس تائين رسڻ جي لاءِ مدد کان وٺي پنھنجي خوابن جي پورائي جا محدود موقعا شامل آھن.ان کانسواءِ سماجي بدنامي کي منھن ڏيڻ بھ ھڪ تلخ حقيقت آھي.راندين ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ سماجي سرگرمين ۾ ڀرپور حصي وٺڻ باوجود، ھن کي اڄ بھ ”معذور“ ۽ ”پوليو کان متاثر“ جي مستتقل ليبل سان نوازيو وڃي ٿو.اھڙي ريت مھمد ضلع جي برڪت شاھ، جنھن جي ڌي حسنا پوليو جي ڪري معذور ٿي، ان ڌيءَ  کي ويڪسين ۾ دير تي افسوس ڪيو ۽ مائٽن کي اپيل ڪئي تھ اھي ويڪسين کي سنجيدگي سان وٺن ۽ ھن اھو بھ چيو تھ” انتظار نھ ڪريو، ڇاڪاڻ پوليو سڄي عمر جي معذوري جو سبب بڻجي ٿو ۽ ان جو ڪو بھ علاج نھ آھي“

انھن تجربن تي غور ڪندي، مون 2024 ۾ انھن 69 ٻارن جي ڏکوئيندڙ حالت تي افسوس جو اظھار ڪريان ٿي جيڪي ويڪسين نھ ملڻ سان مختلف سبن جي ڪري ان مرش جو شڪار ٿيا. انھن سببن ۾مائٽن جو انڪار،ڪميونٽي پاران بائيڪاٽ، صحت جو ناقص نظام،غذا جي کوٽ ۽ صفائي ۽ صحت لاءِ ھاڃيڪار صحت جا مسئلا شامل آھن.پوليو خلاف جنگ پاڪستان جي ھر گھٽي ، محلي ۽ يونين ڪائونسل ۾ جاري آھي.اسان کي ان مھم  کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عوا جي ڀرپور ساٿ ۽ مدد جي گھرج آھي.ڏکڻ خيبرپختونخوا ۾ ڪيسز وڌيڪ آھن، جيڪي خيبرپختونخوا جي ڪل 21 مان 19 ڪيسن تي ٻڌل آھن.قلعي عبداللھ ۾ ، جتي بلوچستان جا 27 ڪيسن مان 7 ڪيس اتي جا آھن. خاص طور تي ڳڻتي جو سبب آھن.سنڌ ۾ 19 ڪيس جھن تھ پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ھڪ ھڪ ڪيس رپورٽ  ٿيڻ بعد ڪل انگ 69 تي پھچي ٿو.

ڊير اسماعيل خان جتي 2024 ۾ سڀني کان وڌيڪ (10 ڪيس) رپورٽ  ٿيا آھن.اھو ھڪ اھڙي گذرگاھ جو حصو آھي، جيڪو ٻين ضلعن جھڙوڪ ٽانڪ ( 5 ڪيس) لڪي مروت( 2 ڪيس)بنون،ڪرڪ، ۽ ڪوھاٽ (2 ڪيس) تائين پکڙيل آھن.انھن سمورن علائقن ۾ پوليو جي منتقلي جا چٽا آثار نظر اچي رھيا آھن.

گذريل 6 سالن جو جائرو ورتو وڃي تھ اھي علائقا جن ۾ ڏکڻ ۽ اتر وزيرستان شامل بھ آھن.پوليو پکيڙڻ يا منتقل ڪرڻ جا مرڪز بڻجي چڪا آھن.جتان ڪيترن ئي سالن کان پوليو جي منتقل ٿيڻ جو سلسلو جاري آھي.2019 ۾ بنون ۾ 26 ڪيس، لڪي مروت ۾ 32 ڪيس ۽ ٻين ضلعن جھڙوڪ ڊيرا اسماعيل خان ۽ ٽانڪ ۾ بھ ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿيا ھئا.

انھن علائقن ۾ وائرس جي موجودگيءَ صحت جي سھولتن جي کوٽ، ويڪسن جي حوالي سان تحفظات، ناقص صفائي ۽ سيڪيورٽي چئليج جي ڪري آھي.جيڪي ويڪسن ٽيمن کي اننھ ٻارن تائين پھچڻ کان روڪين ٿا جيڪي خطري ھيٺ آھن.اھڙي طرح ڪراچي. ڪوئيٽا ۽ پشاور جي روائتي پوليو جي ڳرھ  ۾ پڻ وڏين رڪاوٽن کي منھن ڏيڻو ٿو پئي.مٿي ذڪر ڪيل علائقا جيڪي افغانستان سان ڳنڍيل آھن.”پوليو وائرس جي منتقلي جي انجڻ “ طور ڪم ڪن ٿا.سموري پاڪستان مان ھتي جي آبادين جي اچ وڃ،، صحت جي سروسز جي کوٽ ۽ ٻارن جي ناقص غذا سبب وائرس کي منتقل ڪن ٿا.

جيتوڻيڪ اھي چئليج تمام وڏا آھن،پر اھڙا نھ آھن جو انھن تي قابو نٿو پائي سگھجي.پاڪستان پوليو جي روڪٿان پروگرام ڪجهھ سالن ۾ ڪافي اڳڀرائي ڪئي آھي.ناڪامين باوجود جنھن ۾  2014 ۾ ڪيسن ۾ اضافو شامل آھي.پروگرام 2017 ، 2018 تائين پوليو جي ڪيسن کي ھڪ  ڊجيٽ تائين گھٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.بھرحال 2019، 2020 ۾ ڪيسن ۾ ٻيھر اضافو ٿيو، جنھن ڪري اڳڀرائي ۾ دير ٿي،بدقسمتي سان غفلت جي معاملي وائرس کي ٻيھر پکڙڻ جي لاءِ رستو صاف ڪيو،اھو سلسلو پھرين 2022 ۾ ڏکڻ خيبرپختونخوا کان شروع ٿيو ۽ 203 ۾ افغانستان مان ھڪ نئين قسم جو وائرس (YBBA) تعارف سان ئي شدت اختيار ڪري ويو.ان صورتحال مدافعت جي کوٽ کي نمايان ڪيو، جيڪا خاص طور تي عيرملڪي خلاف مھم قومي مھم دوران وڌيڪ خطري وارين آبادين جي لڏپلاڻ ۽ پوليو ويڪسينيٽرز کان ٻارن کي لڪائڻ جي عادت جي ڪري وڌيڪ معاملو بگاڙ جو شڪار ٿيو.

وزيراعظم جي سڌي قيادت ۾ پوليو پروگرام کي حڪومت جي اعليٰ ترين سطح تي ڀرپور حمايت حاصل آھي.جيڪو پوليو جي انت لاءِ وزيراعظم جي پخت يقين جو عزم ۽ ذاتي شموليت کي ظاھر ڪري ٿي. ان اٽل ارادي جو مقصد سمورن وسيلن،ھم آھنگي ۽ پاليسي کي عمل ۾ آڻيندي پوليو وائرس کي ختم ڪرڻ آھي.2024 ۾ وائرس جي پکڙجڻ بعد وزيراعظم ھڪ خاص ٽيم جوڙي ھئي تھ جئين صورتحال جو تفصيلي تجزيو ڪري سگھجي، مقامي سطح تي پکڙجڻ ۽ سرحد پار کان پکڙڻ جي خطرن جو تدارڪ ڪري ڪجي ۽ ان جي لاءِ ٺوس ۽ عمل جوڳي حڪمت عملي تيار ڪجي.اھو اعليٰ سطح جو عزم ان قومي ترجيح کي اجاگر ڪري ٿو.تھ ھر ٻار کي پوليو کان محفوظ بنايو وڃيسال 2024 جي وچ ۾ پوليو روڪٿام پروگرام” 2_4_6 روڊ ميپ“ متعارف ڪرايو. جيڪو نگراني ۽ ويڪسين جي سرگرمين کي سگھارو بنائڻ جو ھڪ اسٽريٽيجڪ قدم آھي.ان رٿا تحت، سپٽمبر کان دسمبر 2024 دوران ٽن ڏين مھمن جو اھتمام ڪيو ويو.سپٽمبر ۾ 30 ڪروڙ 47 لک کان وڌيڪ ٻارڙن. آڪٽوبر 2024 ۾ 4 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ٻارڙن ۽ ڊسمبر ۾ 4 ڪروڙ 47 لکن کان وڌيڪ ٻارڙن کي سڄي ملڪ ۾ ويڪسين ڪيو ويو.ان مھمن ۾ اٽڪل 4 لک فرنٽ لائن ورڪرز حصو ورتو.جن گھر گھر وڃي ٻارن کي ويڪسين ڪرڻ جي ذميواري خوش اسلوبي سان نڀائي.ان دوران فرنٽ لائن ورڪرز جي صلاحيتن ۽ ويڪسين مھم جي معيار کي بھتر بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي، جئين ھر سطح تي مھم اثرائتي ٿئي ۽ ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگھجي.

جيتوڻيڪ انھن مھمن اميد جي نئون ڪرڻو پيدا ڪيو آھي،پر اھم چئلينج اڃان بھ موجود آھن.افغانستان سان مربوط مھمون تاحال عملي صورت نھ وٺي سگھيون آھن.جڏھن تھ ڏکڻ خيبرپختونخوا  ۽ قبائلي علائقن ۾ مھمن ۾ رڪاوٽن جي ڪري اھي ملتوي ڪرڻيون پيون.ان کانسواءِ ڪجھ فرنٽ لائن ورڪرز کي بھ ڏوراھن ۽ ڏکين علائقن تائين ٻارن تائين پھچڻ ۾ ڏکيائي ٿي.

جنوري کان جون 2025 تائين پوليو وائرس جي مڪمل خاتمي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان دوران منتقلي جي شرح گھٽ ھوندي آھي.اضافي ويڪسينيشن جي حڪمت عملين جو مقصد وڌيڪ خطري وارين آبادين کي شامل ڪرڻ آھي.جنھن ۾ لڏپلاڻ ڪندڙ ۽ واپس ايندڙ خاندانن کي شامل ڪيو ويندو. افغانستان جي سرحدي علائقي تي نگراني سخت ڪئي پئي وڃي تھ جئين وائرس جي ڪنھن بھ نموني کي پڪڙي سگھجي.جڏھن تھ انڪار ڪندڙن، ڪوڙي نشان ھنندڙ ۽ رھجي ويندڙ ٻارن جي رپورٽنگ کي مانيٽر ڪرڻ جي لاءِ سخت نظام قائم ڪيو ويو آھي.

موبائل ٽيڪنالوجي جو استعمال ويڪسينيشن کي پيشرفت کي مانيٽر ۽ اپ ڊيٽ ڪرڻ جي لاءِ پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو آھي.ان کان علاوھ مخصوص ھدف تي ٻڌل ڪميونٽي جي شموليت جون ڪوششون جيڪي اعتماد جوڳن مقامي بااثر ماڻھن جي نگراني ۾ ھجن، ويڪسينيشن جي مھمن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪتب آنديون پيون وڃن.آخر ڪار پوليو کان پاڪ پاڪستان جي منزل ھر شھري جي گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آھي.مائٽن کي پنھنجي ٻارن کي ويڪسين فراھم ڪرڻ جي ذميداري کڻڻي پوندي.جڏن تھ مقامي ڪميونيٽي کي اھو يقيني بنائڻو پوندو تھ ھر ٻار، ھر ھنڌ محفوظ ھجي.ميڊيا جو ڪردار بھ ان عمل ۾ اتنھائي اھميت رکي ٿو.رڳو گڏجي ڪري ڪم  ڪرڻ سان ئي اسين مستقبل جي نسل کي خطرناڪ بيماري کان بچائي سگھون ٿا.پوليو کان پاڪ پاڪستان رڳو خواب نھ آھي. اھا ھڪ ذميداري آھي جيڪا اسان سڀني تي لاڳو ٿئي ٿي. گڏجي ڪم ڪري ئي ايندڙ نسل کي محفوظ بنائي سگھجي ٿو.ليکڪا وزيراعظم جي پوليو جي روڪ ٿام بابت فوڪل پرسن آهي)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.