لاهور (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (اي ايف آءِ) مختلف ڪارروائين دوران وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي متحده عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات دوران آرٽيفيشل انٽيليجنس سان ٺاهيل جعلي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ جي الزام ۾ 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
اي ايف آءِ اي ذريعن موجب سائبر ڪرائم اسٽاف اهي گرفتاريون فيصل آباد، لاهور، گوجرانوالا ۽ ملتان مان ڪيون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان ڪنيڪشن ۾ وڌيڪ گرفتارين جي اميد آهي ۽ دائرو وڌايو پيو وڃي، جوابدارن خلاف سائبر ڪرائم ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.
ذريعن موجب ان سلسلي ۾ شاهده شريف جي شڪايت تي فيصل آباد ۾ انڪوائري نمبر 169 داخل ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ جوابدار شهزاد منور خلاف ڪيس نمبر 24/7 داخل ڪيو ويو.
اهو جوابدار پرڏيهين خلاف آرٽيفيشل انٽيليجنس سان تيار ڪيل انتهائي تذليل جوڳو مواد شيئر ڪرڻ ۾ ملوث آهي.
You might also like