اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل پي ٽي آءِ سلمان اڪرم راجا کي تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جو اعتماد آهي، ڪنهن کي هٽائڻ ۽ مقرر ڪرڻ جو فيصلو عمران خان ڪندو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي پارٽي جو آئين ئي باني پي ٽي آءِ آهي ان ڪري اهو پارٽي جو اندروني معاملو آهي، حڪومت سان ڳالهين جي حوالي سان پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته هو حڪومتي ڪميٽي سان ٽيون اجلاس ڪندو ۽ حڪومت آڏو لکت ۾ مطالبا پيش ڪنداسين، ياد رهي ته ٻه ڏينهن سلمان اڪرم راجا ۽ شير افضل مروت هڪ ٻئي تي تنقيد ڪئي هئي.