شير افضل ڳالهين تي بيان جاري ڪرڻ جو مجاز ناهي: حامد رضا

اسلام آباد (۾ ڊ) پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان صاحبزاده حامد رضا چيو ته شير افضل مروت يا ڪنهن ٻئي کي  ڳالهين بابت بيان ڏيڻ جو اختيار ناهي. هن سماجي ويب سائيٽ تي لکيو ته عمران خان جون 9 مئي ۽ 26 نومبر تي ڪميشن بابت واضح هدايتون آهن، ڪميشن نه ٺهي ته ٽئين گڏجاڻي کانپوءِ ڪنهن گڏجاڻي ۾ شريڪ نه ٿينداسين. هن چيو ته سلمان اڪرم راجا ڳالهين بابت صحيح پوزيشن بيان ڪئي، ڳالهين واري ڪميٽي جو سربراهه، ترجمان، ڪميٽين ميمبرن کانسواءِ پاليسي بيان جاري نٿو ڪري سگهجي، پاليسي بيان بابت عمران خان جون واضح هدايتون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.