عمرڪوٽ (رپورٽ غلام مصطفي مھر ) سنڌو درياھه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ عمرڪوٽ جون زمينون ڪمپني کي ڏيڻ خلاف بيداري مارچ سڀاڻي 12 جنوري تي عمرڪوٽ پُھچندو جنھن ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ صدر الدين شاھ راشدي، سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير ارباب غلام رحيم، ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاھ، لياقت جتوئي، اياز لطيف پليجو، مرتضي خان جتوئي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، حليم عادل شيخ، رياض چانڊيو سميت ٻيا اڳواڻ بيداري مارچ جلسي کي خطاب ڪندا، ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي مقامي قيادت اڳواڻي ايم اين اي لال مالھي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير غلام نبي منڱريو، لياقت جوڻيجو، فقير محب منڱريو، غفار ناگوري، ايس يو پي اڳواڻن روشن منڱريو، گل بجير، حاجي ساند ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪلب پُھچي 12 جنوري واري بيداري مارچ جي رٿيل جلسي جي حوالي سان معائنو ڪري حتمي شڪل ڏني، ان موقعي تي اڳواڻن اڳوڻي ايم اين اي لال مالھي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير غلام نبي منڱريو، روشن منڱريو ۽ ٻين چيو ته سنڌ مان نڪرندڙ ڪئنال سنڌ کي ويران ڪرڻ جي سازش آھي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جون زمينون بنجر ٿي وينديون ۽ ماڻھو پاڻي ڦڙي لاء پريشان ھوندا عمرڪوٽ ضلعي جي لکين ايڪڙ زمين ڪمپنين حوالي ڪيون پيون وڃن پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ جون زمينون ۽ پاڻي وڪرو ڪري رھي آھي انھي خلاف سنڌ جي ماڻھن کي سڄاڳ ٿي ڀرپور جھدوجھد ڪئي ويندي انھي سلسلي جي حوالي سان 12 جنوري تي عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو جلسو رٿيو ويو آھي جنھن ۾ سنڌ جي شعور کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي ھي ڪنھن ھڪ پارٽي جو نه پر سڀني سنڌ واسين جو مسئلو آھي .