پيوٽن ٽرمپ سان ڳالهين لاءِ تيار آهي: روس

ماسڪو (م ڊ) ڪريملن ڊونلڊ ٽرمپ جي روسي صدر سان  ملاقات واري بيان کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته ولاديمير پيوٽن شرطن کانسواءِ نئين چونڊيل آمريڪي صدر سان ملاقات لاءِ تيار آهي. ڪريملن ترجمان ڊمٽري پيشڪوو صحافين کي ٻڌايو ته پيوٽن ٽرمپ سميت ٻين عالمي اڳواڻن سان رابطن لاءِ راضپو ظاهر ڪندو رهيو آهي.

  1. وياج جي شرح ۾ 2 کان 3 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي(م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ هلندڙ سال جي 6 مهينن ۾ چوٿون ڀيرو مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي، مرڪزي بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جو اجلاس 27 جنوري تي ٿيندو، جنهن ۾ مائيڪرو ۽ ميڪرو اشارن جو جائزو ورتو ويندو، مانيٽري پاليسي ڪميٽي جا اجلاس 10 مارچ، 5 مئي ۽ 16 جون تي به ٿيندا. تجزيه نگارن  موجب مهانگائي 4.1 سيڪڙو تي اچڻ کانپوءِ پاليسي ريٽ ۾ 2 کان 3 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي، 30 جون تائين، پاليسي جي شرح سنگل ڊجٽ ۾ اچڻ جي اميد آهي، اهي تبديليون معيشت جي بهتري ۽ مالي استحڪام لاءِ اهم آهن ۽ انهن جو اثر مارڪيٽ ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

  1. سون لڳاتار  چوٿون ڏينهن مهانگو

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل چوٿين ڏينهن به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيويلرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 1100 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 79 هزار 400 جو ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن موجب، ملڪ  ۾ 10 گرام سون جي قيمت 943 رپيا واڌ سان 2 لک 39 هزار 540 رپيا آهي. ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 11 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 2676 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.