ڪراچي (رپورٽر) انساني حقن جي ڪارڪنن جي نيٽ ورڪ ڏکڻ ايشيا جا انساني حق ( ايس اي ايڇ آر) جي اڳواڻن محمد تحسين، فاروق طاهر ۽ احمد رفيع عالم ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ سال 2022 جي برسات ۽ ٻوڏن جي ڊٿل گهرن جي اڏاوت جي نقشن جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي، ڇو ته هڪ ڪمري جي اڏاوت کي گهر نه ٿو چئي سگهجي، جنهن ۾ بورچيخانو ۽ ڪاڪوس گهر موجود نه هجن ۽ هڪ ڪمري ۾ سڀ گهر جا ڀاتي ڪيئن رهي سگهن ٿا ۽ ڪمري جي اڏاوت لاءِ ڏيندڙ رقم جو جائزو ورتو وڃي ته اها ڪيتري حد تائين اڻ پوري آهي ۽ برساتن جي تباهي جي متاثر ماڻهن جي صحيح ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ نئين سر سروي ڪرائي وڃي، موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن بعد متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي لاءِ عالمي بينڪ ۾ هڪ الڳ ادارو جوڙيو وڃي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ عالمي بينڪ طرفان رقم قرض بدران امدادي صورت ۾ ڏني وڃي.