مستونگ ۾ ليويز چوڪي تي حملو، اهلڪار يرغمال

ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ گذريل رات هٿياربندن ليويز چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري اهلڪارن کي يرغمال بڻائي ورتو. ميڊيا موجب ليويز اهلڪارن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن سيمينٽ فيڪٽري تي به حملو ڪري ان کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ ڪوئيٽا-سکر قومي شاهراهه بلاڪ ڪري گاڏين جي تلاشي ورتي.

  1. اغوا ڪيس ۾ ملوث جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي(رپورٽر) اغوا بعد ڀنگ، پوليس مقابلو ۽ بارودي مواد جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار عصمت الله پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي،  ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر عدالت ۾ پيش ٿيو، جسٽس ظفر راجپوت پڇاڻو ڪندي چيو ته جاچ آفيسر اي وي سي سي ۾ ڪڏهن کان آهي؟ ۽ هن جي ڪارگردي ڪير چيڪ ڪندو آهي، ڊي آءِ  جي سي آءِ اي چيو ته جاچ آفيسر 2022 کان اي وي سي سي ۾ آهي، ايس ايس پي اي وي سي سي سمورن اهلڪارن ۽ آفيسرن کي سپروائيز ڪندو آهي، عدالت سرڪاري وڪيل کي هدايت ڪندي چيو ته مغوي جو بيان ڊي آءِ جي کي ڏيکاريو، عدالت چيو ته 29 ڊسمبر تي بيان رڪارڊ ڪيو ويو هو، ڊي آءِ جي سي آءِ اي چيو ته بيان ۾ اڳيان 8 جنوري لکيل آهي، عدالت چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي، اهو پهريون ڪيس ناهي، هڪ ٻئي ڪيس ۾ به روزنامچي ۾ غلط انٽري ڪئي وئي آهي، اها آفيسر جي بدنيتي آهي، مدعي يا جوابدار جيڪو به رابطو ڪري ان جي حق ۾ ڪيس تبديل ڪيو ويندو آهي، ٻڌڻي دوران ڪيس جي مدعي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي عدالت چيو ته اهو انويسٽيگيشن جو معاملو آهي، توهان خاموش رهو، جنهن بعد عدالت چار جوابدارن جي ضمانت واري  درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.