اسلام آباد(ايس ايم علي جعفري+نجم سهروردي)تاريخ دان،ليکڪ ۽ قانون دان فيصل صديقي چيو آهي ته 2024ع ۾ عدليه ڪمزور ڪئي وئي،انهن ٻنهي ڌرين پنهنجي سببن جي ڪري ايئن ڪيو،هن چيو ته عدليه کي اندريان ورهايو ويو،ججن ۾ اختلاف پيدا ڪيا ويا،26هين ترميم خلاف ان ڪري مزاحمت نه ٿي ڇو ته جج ورهايل هئا،جارحاڻي عدليه جو فوجي ۽ سياسي اشرافيه سان ”ڊي جوري ۽ ڊي فيڪٽو“ تي تڪرار آهي، هن چيو ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ جو تصور اهو آهي ته اسان قانون کان مٿانهان ئي رهنداسين،اسان پنهنجو قانون بڻائينداسين،اهو به گهڻن ماڻهن تي لاڳو نه ٿيندو، هن چيو ته انگلستان ۾ قانون جي حڪمراني آهي پر اتي اڄ به لکت ۾ آئين ناهي، آئيني فريم ورڪ قانون جي حڪمراني جي به مٿان هوندو آهي،ان ۾ رياست ۽ شهري وچ ۾ مستقل لاڳاپو هوندو آهي،آئيني جمهوريت ۾ ڪڏهن به پارلياماني بالادستي ناهي هوندي،آئين جي ئي بالادستي هوندي آهي،آئيني بنيادي ڍانچي کي پارليامينٽ تبديل نٿي ڪري سگهي ان لاءِ آئيني اسيمبلي جي ضرورت پوندي آهي،هن چيو ته آئين ۽ قانون طاقتور ۽ غريب ٻنهي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو،آمريڪي آئين ۾ 56 کان به گهٽ شقون آهن توهان جي آئين ۾ 300 شقون شامل آهن،آئين جا ڪجهه بنيادي اصول هوندا آهن جن کي بلڪل تبديل نٿو ڪري سگهجي،آئيني ترميم به ان کي تبديل نٿي ڪري سگهي،2015ع واري سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ واضح ٿيل آهي ته پارليامينٽ وٽ مڪمل ترميم جا اختيار ناهن،هن چيو ته اسان شين کي تاريخي حوالن سان نٿا ڏسون، ملڪ ۾ سياست تي فوجي اجاره داري ايندڙ ڏهن پندرهن سالن ۾ ختم ٿي ويندي،اهو عمل رڳو پاڪستان ۾ ناهي ٻين ملڪن ۾ به اسٽيبلشمينٽ ايئن ڪري چڪي آهي،آمريڪا ۾ ٻن صدين کان آئين تي بحث هلي رهيو آهي،اهي منجهيل مسئلا آهن،هن چيو ته منهنجي نظر ۾ پاڪستان جي آئين کي نه سيڪيولر سمجهي سگهن ٿا نه مولوي سمجهي سگهن ٿا،اسان جو آئين نه سڪيولر آهي نه اسلامي آهي،آئين ۾ ڪمپرومائز ڪري ٻئي شيون ان ۾ شامل ڪيون ويون آهن،توهان جو پورو ماڊرن اسٽيٽ اسٽرڪچر ۽ معاشي نظام سيڪيولر آهي پر ان ۾ اسلامي شقون به شامل آهن،1973ع ۾ سوشلزم۽ سيڪيولر قيادت ۽ مذهبي قيادت تمام گهڻي بردباري کان ڪم ورتو،هن چيو ته 71ع ۾ ملڪ نه ٽٽو هو،اڪثريت ڌار ٿيڻ سان ملڪ ناهي ٽٽندو،هن چيو ته 1973ع جي آئين کي ضيا ۽ مشرف به ختم نه ڪري سگهيا،انهن ان کي معطل ڪيو،اها آئيني دستاويز جي طاقت آهي،سول ملٽري امبيلنس ٺيڪ ٿيڻ تائين هتي جمهوريت ته نٿي اچي سگهي،نظام کي خراب ڪوٺڻ کان پهرين ان نظام کي مڪمل طور لاڳو ٿيڻ ته ڏيو،هن چيو ته پاڪستان ۾ 22 لک ڪيس التوا ۾ آهن ته هندستان ۾ ڪيسن جو انگ هڪ ڪروڙ ۽ بنگلاديش ۾ 73 لک کان وڌيڪ آهي،جج جو ڪم اهو ناهي ته ڪيس جو فيصلو ڪري بلڪه جيڪو مسئلو توهان کڻي ويا آهيو اهو حل ڪري،ائين نه ٿئي ته ان ڪيس تي وڪيل چار پٽيشنون ٻيون داخل ڪري ڇڏي،هن چيو ته اليڪس ٽاڪو ويري 18هين صدي ۾ آمريڪا وڃي آمريڪا ۾ جمهوريت تي ڪتاب لکيو،هن ان وقت ئي سمجهي ورتو هو ته قانون جي حڪمراني جو مطلب وڪيلن جي حڪمراني آهي اها ڳالهه اسان هتي پنهنجي ماڻهن کي نٿا ٻڌايون،هن تڏهن ئي ٻڌايو ته جنهن انگ ۾ وڪيل نڪرندا اهي قانون جي حڪمراني جو مطالبو ڪندا،ڇو ته ان سان معاشي مفاد سلهاڙيل آهن،هن چيو ته اسان وٽ ڪرپشن جو مسئلو آهي،سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان اولهه سڄي دنيا ۾ جمهوريتن جو پرچارڪ ڪيو، فلاحي رياست جو تصور ختم ڪيو ويو، ماڻهن کي آزاد عدليه جي نعري واري ٽرڪ جي بتي پٺيان لڳايو ويو،آئين ۾ جان جي تحفظ ۽ گم نه ڪرڻ واري شق تي هتي عمل ته نٿو ٿئي،هن چيو ته سڄي دنيا ۾ هاڻي اهو سمجهيو ويو آهي ته انساني مسئلا رڳو قانون جي حڪمراني،آئين پسندي سان حل نه ٿيندا،هن چيو ته توهان جي رياست جو حال ايترو خراب آهي جو ان جي ڪا انتظامي پهچ ئي ناهي،اها ٽيڪس نٿي لڳائي سگهي، 2008ع ۾ عدليه فوجي اسٽيبلشمينٽ سان اتحاد ڪري سياسي اشرافيه سان زيادتيون ڪيون،چونڊيل وزيراعظم هٽايا ويا،ارڙهين ترميم ۾ ججن جي مقرري جو سٺو نظام ڏنل هو اهو به 2011ع ۾ عدالتي فيصلي تحت ختم ڪيو ويو،ان وقت ته واهه واهه ٿي وئي پر سياسي اشرافيه اها ڳالهه نه وساري،پاڪستان ۾ ته پلاند ورتو وڃي ٿو،هن چيو ته ٽوئيٽر ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ حڪمران اشرافيه جي ڪوشش آهي ته جيئن هتان جي نوجوان کي جاهل رکيو وڃي،حڪمرانن اندازو ڪري ڇڏيو آهي ته هي ٽائٽاٽنڪ جهاز ٻڏي رهيو آهي،جيستائين لٽي سگهو ٿا لٽي ڇڏيو،اختيار اورانگهي ڀلي ملڪ کي 19هين صدي ۾ ڌڪي ڇڏيو،هن ملڪ کي نوجوانن کي سڌارا آڻڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي،اشرافيه ان کي سنڀالي نه سگهندي، ان ۾پهرين رنڊڪ سياسي فوج آهي،ٻيو مسئلو وڳوڙي مولوي آهي،توهان جو امير ماڻهو اڃا به 19هين صدي ۾ رهي رهيو آهي،اهي انسانن کي برابر نٿا سمجهن،يورپ ۾ امير ماڻهو ڪنهن کي ذليل نٿو ڪري سگهي،هن چيو ته اسان جي ملڪ جو آخري مسئلو اهو آهي ته هتي سياسي اڳواڻ ئي نه رهيا آهن،هن وقت جيڪي آهن اهي سياسي مئنيجر آهن،اسان جي حڪمران اشرافيه کي اها ڳڻتي ناهي ته اها دنيا ۾ ڪيتري ذليل آهي،