پگهار هزار ڊالر برابر ڪريو: سپريم ڪورٽ ۾ درخواست

اسلام آباد (م ڊ) گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر برابر ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي. فهميده نواز انصاري لاهور رجسٽري ۾ درخواست داخل ڪئي. موقف اختيار ڪيائين ته  پاڪستان برطانوي ڪالوني رهيو آهي ۽ اتان جا قانون لاڳو آهن، ڪيسن ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جي عدالتن جا فيصلا مڃيا وڃن ٿا، پاڪستان ۾ برطانوي ۽ آمريڪي ليبر قانون هجڻ گهرجن. درخواست گذار موجب، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار هڪ هزار ڊالر آهي، پاڪستان ۾ به حڪم ڏنو وڃي.

  1. حڪومت ملاقات وارو مطالبو مڃي ڦري وئي: عمر ايوب

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته عمران خان سان نگراني واري ماحول کانسواءِ ملاقات جو مطالبو ڪيو هو ۽ حڪومت اهو مطالبو مڃيو هو پر هاڻي ڦري وئي آهي ته جيل قانون ۾ اهو شامل ناهي. ڳالهين واري ڪميٽي جي ميمبر چيو ته  اسان جا 3 مطالبا آهن، حڪومت چيو لکت ۾ ڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.