حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته حڪومت طرفان سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ويجھو ايندي ئي اڻ اعلانيل آپريشن شروع ڪيو ويو آھي جيئي سنڌ محاذ سميت قومي تحريڪ جي پرامن ڪارڪنن خلاف پوليس ۽ ٻين ادارن رڻ ٻاري ڏنو آھي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گھرن تي چڙھائين جو سلسلو بناوقفي جي جاري آھي پيپلزپارٽي جيڪا ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جي سنڌ ۾ بازار گرم ڪري ڇڏي آھي ان جي خلاف ڪا ڪاروائي ڪرڻ بدران کيس 18 سالن کان اقتدار ۾ ويھاري اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو آھي هن چيو ته اسان جي سياست مڪمل طور تي عدم تشدد تي ٻڌل آھي 17 جنوري سنڌ جي فڪري مرڪز سن ۾ سنڌي لکن جي تعداد ۾ گڌ ٿي پنھجي قومي سپھ سالار سائين جي ايم سيد کي خراج پيش ڪندا آھن