اسلام آباد (بيورو/ع آ نيوز) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي اسان جي خواهش آهي ته بجلي جو اگهه گهٽجي، آءِ ايم ايف سان ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ڳالهيون جاري آهن، 10 کان 12 رپيا في يونٽ تائين بجلي سستي ڪري سگهون ٿا.قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اويس لغاري چيو ته آءِ ايم ايف سان ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ معاملو پڄاڻي ڏانهن وڌي رهيو آهي. هن چيو ته بجلي جو اگهه 10 کان 12 رپيا في يونٽ گهٽ ڪري سگهون ٿا، خواهش آهي ته بجلي جو اگهه 50 رپيا گهٽجي، بگاس جي 8 پلانٽن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، ان کانسواءِ وڌيڪ 16 پلانٽن جي نظرثاني به ڪنداسين، ان کانپوءِ حڪومتي پلانٽن جي ريٽرن آن ايڪوئٽي جو وارو ايندو، هن مهيني جي آخر تائين ڪيپٽو پلانٽس جو معاملو حل ٿي ويندو، گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي 4 رپين تائين سستي ٿي چڪي آهي. توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته هن وقت تائين وچولي طبقي جو ڪوبه شهري نيٽ ميٽرنگ تي ناهي. نيٽ ميٽرنگ ملڪ جا امير ماڻهو ڪري رهيا آهن. هائيڊرو پاور ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان 9 مهينن ۾ پاور سيڪٽر ۾ اسٽيٽس ڪو کي چئلينج ڪيو آهي. پاڪستان ۾ بجلي ڪڏهن به مقابلي واري انداز ۾ خريد نه ڪئي وئي آهي. اويس لغاري چيو ته ڇا سي پي پي اي بجلي خريد ڪرڻ جو ٺيڪو ورتو آهي؟ مارچ کان بجلي جي خريداري ۾ مقابلو شروع ٿي ويندو، ملڪ ۾ قابل تجديد انقلاب اچي ويو آهي. هن چيو ته مهانگي بجلي سبب شمسي انقلاب آيو آهي، 10 سالن ۾ نيٽ ميٽرنگ تي 10 کان 12 هزار ميگا واٽ وڌي ويندي، اڃا تائين وچولي طبقي جو ڪو به شهري نيٽ ميٽرنگ تي ناهي. اويس لغاري چيو ته بجلي جي قيمت 10 کان 12 روپيه في يونٽ گهٽ ڪري سگهون ٿا، خواهش آهي ته بجلي جي قيمت 50 روپيه گهٽ ٿي وڃي. هن چيو ته بگاس جي 8 پلانٽس جو جائزو وٺي رهيا آهيون. انهي کان علاوه وڌيڪ 16 پلانٽس جي نظر ثاني به ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.گهريلو صارفين جي لاءِ بجلي 4 روپين تائين سستي ٿي چڪي آهي. اويس لغاري چيو ته پنج کان ست سالن ۾ ڪي اليڪٽرڪ 500 ارب روپيه منافعو گهريو پيو وڃي. اسان جي خيال ۾ اهو ناجائز آهي انهي سان سڄي ملڪ جو صارف به متاثر ٿيندو.