اسلام آباد(م ڊ) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته هلندڙ مالي سال گهٽ ۾ گهٽ 35 ارب ڊالرن جو ناڻو پهچندو. مختصر عرصي ۾ 8 ارب ڊالرن جو سمورو قرض واپس ٿي ويو آهي، ٻن اڍائي سالن ۾ پرڏيهي قرضن ۾ ڪو به اضافو ناهي ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) ۾ صنعتڪارن سان ملاقات ڪئي. خطاب دوران اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته اعليٰ شرح سود سميت ٻيا مسئلا حل ڪيا ويا آهن، 2023ع ۾ پرڏيهي مٽا سٽا فراهم ڪرڻ وڏو چئلينج بڻجي ويو هو، هاڻي درآمدات تي ڪا به رڪاوٽ ناهي.هن اهو به چيو ته ڊسمبر ۾ ترسيل 3 ارب ڊالرن جي ويجهو پهچي ويندي، موجوده اڪائونٽس جي صورتحال مستحڪم آهي، مئي 2023ع ۾ خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ جي شرح 47 سيڪڙو هئي، مهانگائي جي شرح اپريل کان جون 2025ع تائين وڌي سگهي ٿي، ملڪي. برآمدات اسان جي اميدن کان گهٽ آهن.
-
گذريل سال بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بينڪن ۾ 4 پاڪستاني بينڪون شامل
نيويارڪ(ع آ نيوز) ايس اينڊ پي گلوبل مارڪيٽ انٽيليجنس علائقائي بينڪن جي ڪارڪردگي تي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته 4 پاڪستاني بينڪون خطي جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 10 ٽاپ بينڪن ۾ شامل آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 4 پاڪستاني بينڪن اي پي اي ايس ۾ سڀ کان وڌيڪ اسٽاڪ گروٿ ڏيکاري، جڏهن ته پاڪستان ٽاپ 15 مان 6 پوزيشنز حاصل ڪيون. رپورٽ موجب يونائيٽيڊ بينڪ خطي جي بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بينڪ اسٽاڪ ايڪسچينج جي درجابندي ۾ ٻئي نمبر تي رهي، ان کانسواءِ ٽاپ 10 ۾ ٻيون 3 پاڪستاني بينڪون نيشنل بينڪ آف پاڪستان، بينڪ الفلاح لميٽيڊ ۽ بينڪ آف پنجاب به شامل آهن.
-
اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ سان ڳالهين ۾ رنڊڪ ناهي:راڻا ثناءُ الله
اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ميثاق معيشت ۽ ميثاق جمهوريت جو حامي آهيان، اسٽيبلشمينٽ پاران معاملا ٺيڪ ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ناهي، سياسي پارٽين ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ قائل ٿي ته سپريم ڪورٽ جو جج جاچ ڪري سگهي ٿو ته پوءِ راضي ٿي وينداسين، پي ٽي آءِ باني جي آزادي عدالت ذريعي ٿيندي،هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني 26 نومبر تائين بنگلاديش ماڊل تي ڪم ڪري رهيو هو. جيڪڏهن ڪو فوجي اڏن تي حملو ڪندو ته ڪيس به فوجي عدالت ۾ ويندو هن چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجا مطالبا لکي ڏئي، اسان به لکت ۾ جواب ڏينداسين، اياز صادق کي پي ٽي آءِ رابطا ڪميٽي جي باني سان ملاقات جي درخواست ڪندس، اياز صادق جي ملڪ ۾ نه هجڻ سبب ڳالهيون ملتوي ڪيون ويون.