آبپاشي کاتي هٿ وٺي زراعت کي تباهه ڪيو آهي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ ڄام تماچي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سکر بئراج جي مرمت جي فنڊن ۾ ڪرپشن ڪندڙ ڪامورن کي گرفتار ڪيو وڃي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي آبپاشي نظام کي تباهه ڪري، سنڌ جو پاڻي روڪي پنجاب جي نون ڪئنالن لاءِ گنجائش پيدا ڪئي پئي وڃي. سنڌ جي ٽنهي بئراجن سميت سمورن واهن ۽ ڪئنالن جي مرمت جا فنڊ پيپلز پارٽي سرڪار هڙپ ڪري ڇڏيا آهن، سنڌ جي آبپاشي کاتي هٿ وٺي زراعت کي تباهه ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.