ٽنڊو محمد خان/نندو (نمائندن وٽان )جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي 121 وهين سالگرهه رهبر ڪميٽي طرفان گڏيل طور سن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، سنڌ دشمن سازشن خلاف گڏيل جدوجهد جو آغاز آهي . اهڙو اظهار جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪينال ٺاهڻ وارو سنڌ دشمن منصوبو سنڌ جي لکين ايڪڙ آبادي واري زرعي زمين کي هميشه لاءِ تباهه ڪري پنجاب جي وارياسي چولستان واري غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ سان سنڌ جي زراعت مڪمل تباهه ٿي ويندي . جنهن منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو نه وري سنڌو تي ڪو ڌاڙو هڻڻ ڏنو ويندو . هوڏانهن سنڌو درياهه تي پنجاب کي گرين پاڪستان جي آڙ ۾ قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين اها ڳالهھ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو نندو ويجهو سنڌ هائوس تي ضلعي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻهن جو معاشي وسيلو آهي، جنهن تي سنڌ جو 6 ڪروڙ عوام محافظ بڻيل آهي.