ڪراچي( پ ر ) جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي جي چيئرمين جيئي سنڌ محاذ رياض علي چانڊيو سان ملاقات ڪئي،ملاقات دوران اتحاد ۽ گڏيل جھدوجھد ۾ شموليت جي دعوت ڏني، ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته 11 جنوري تي سيو انڊس رور موومينٽ جي طرفان رٿيل احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ته جيئن درياهھ بچايون سنڌ ۽ سنڌين جي وجود جو تحفظ ڪريون، گڏيل جدوجهد جي ضرورت آھي جيئن سنڌو درياھه جو تحفظ ڪجي جيڪي پيپلزپارٽي غيرقانوني ڪئنال ڪڍرائي پئي ۽ سنڌ جي ماڻھن جي معاشي تباهي جو سامان گڏ پئي ڪري ان خلاف سڄي سنڌ جون جمهوريت پسند ۽ قوم پرست ڌُريون گڏيل جدوجهد ڪن، ان موقعي تي محاذ سربراھه رياض علي چانڊيو ڊاڪٽر صفدر عباسي کي مثبت موٽ ڏيندي چيو ته جيئي سنڌ محاذ جو اصولي موقف ھو تـ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي بي رحماڻي قتل جي انصاف جوڳي جاچ ٿئي جنھن بعد ھڪ مذھبي ڌر جو نامناسب ردعمل سامھون آيو جنھن بعد اسان درياھه بچايو تحريڪ کان جدا ٿياسين، پر اڄ جڏھن اھا ڌر ھن اتحاد کان ڌار ٿي چڪي آھي تڏھن جيئي سنڌ محاذ پنھجي ماضي جي ادا ڪيل بھترين قومي ڪردار جي تسلسل کي اڳتي وڌائيندي سيو انڊس رور موومينٽ ۾ گڏجي جھدوجھد ڪندي توھان سان مڪمل طور گڏ آھيون.