ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪرڻ تي بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس ۽ موجوده اڪائونٽنٽ عبدالرشيد ملاح کي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي هن جي يونيورسٽي جي ھراسمينٽ واري ڪيس ۾ مبينه ملوث ھجڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي ھدايت جاري ڪري ڇڏي آھي، پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙي جي صدارت هيٺ ٿيو، يونيورسٽي انتظاميا پي اي سي کي آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهي، لياري يونيورسٽي جي وقتي وي سي امجد سراج ميمڻ پي اي سي کي ٻڌايو ته يونيورسٽي جو اڳوڻو ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس ۽ موجوده اڪائونٽنٽ عبدالرشيد ملاح کي هراساني ڪيس ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي ايڊيشنل سيڪريٽري سهيل انور بلوچ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ڪميٽي ملوث قرار ڏنو آهي پر اڪائونٽنٽ عبدالرشيد ملاح انڪوائري ڪميٽي کي مڃڻ کان انڪار ڪندي شوڪاز جو جواب به نه ڏئي رهيو آهي نه ئي ھن پاران اسان کي مڪمل آڊٽ رڪارڊ فراھم ڪيو ويو آھي