مايوس چهرن تي مسڪراهٽ آڻيندڙ منير کي بيماري روئاري ڇڏيو

ڀان سيد آباد (رپورٽ: آدم مينگل)سنڌي ڊرامن جي مشهور اداڪار آرٽسٽ ۽ هدايتڪار منير سيال کي بيمارين بيحال ڪري ڇڏيو آهي، ٻئي گڙدا خراب ٿيڻ سبب گذريل ٻن سالن کان ڊائلاسز ڪرائڻ تي مجبور آهي، جڏهن ته برين هيميرج سبب اکين جي روشني پڻ موڪلائي وئي آهي، هڪ طرف غربت ۽ ٻئي طرف بيماريون هجڻ سبب سينيئر اداڪار ڏکيائين کي منهن ڏيڻ سان گڏ فاڪا ڪشي واري زندگي گذاري رهيو آهي، ان سلسلي ۾ منير سيال عوامي آواز ٽي وي سان روئندي ٻڌايو ته آئون ڪافي عرصي کان بيمارين سان جهيڙي رهيو آهيان پر منهنجي سنڌ حڪومت توڙي ثقافت کاتي مناسب مدد ناهي ڪئي وئي، ثقافت کاتي صرف هڪ لک 50 هزار رپين جو چيڪ اماڻيو، آئون هفتي ۾ 2 ڀيرا ڊائلاسز ڪرايان ٿو، علاج تي پنهنجو الهه تلهه وڪڻي ڇڏيو اٿم، هاءِ بلڊ پريشر سبب هڪ رڳ ٽٽڻ ڪري اکين جي روشني هلي وئي، جنهن جي علاج ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي، مون وٽ هينيئر پيٽ پالڻ جيتري به سگهه ناهي ته علاج ڪٿان ڪرايان؟ 2 نوجوان پٽ گريجوئيٽ هوندي بيروزگار آهن، ثقافت کاتي اسان جهڙن غريب فنڪارن کي ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي، جنهن جو تمام گهڻو ڏک آهي، هن ثقافت کاتي جي سيڪريٽري توڙي حد جي چونڊيل ايم پي اي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته منهنجي اکين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي ۽ بيروزگار ٻنهي پٽن کي سرڪاري نوڪري ڏيئي مالي مدد ڪري پنڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.