لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي پوليس جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي ۽ سندس پٽ وليد خان عباسي سميت ٻين مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي جوابدار عبدالاحد مگسي کي پوليس رمانڊ لاءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي جوابدار جي وڪيل ايڊووڪيٽ جاويد بليدي جو چوڻ هو ته عبدالاحد مگسي کي لاڙڪاڻو پوليس پهرين جنوري تي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو ۽ اڄ 7 ڏينهن بعد لاڙڪاڻو پوليس سندس جي گرفتاري ظاهر ڪري رمانڊ لاءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت کيس 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان جوابدار عبدالاحد مگسي ٻڌايو ته واقعي ۽ فائرنگ واري معاملي جي باري ۾ مون کي ڪا به خبر ناهي، گاڏي کي اشو ڪري مون کي گرفتار ڪيو ويو، اسان جو سيال ڀائرن ڏانهن ڪو به ڌيان نه هو صرف سياسي مسئلو پيدا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پهرين تاريخ مان پاڻ پوليس وٽ پيش ٿيس ۽ 8 ڏينهن تائين مون کي گم ڪيو ويو.
ناياب سرڪش جي ميڙمنٿ، سيال ۽ عباسي خاندان ٺاهه لاءِ راضي
لاڙڪاڻو( ع آ نيوز) قوم پرست اڳواڻ ناياب سرڪش ميڙمنٿ ڪري لاڙڪاڻي ۾ وڏي جهيڙي کي ٽاري ڇڏيو آهي، ناياب جي ميڙمنٿ سبب ٻئي خاندان ذاتي اختلاف ختم ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن. قوم پرست اڳواڻ ناياب سرڪش قافلي سان پاڪ ڪتاب کڻي سيالن وٽ پهتي. ناياب سرڪش اتي موجود طارق سيال کي معظم عباسي وارن سان ذاتي جهيڙو ختم ڪرڻ جي منٿ ڪئي. هن چيو ته اوهان ٻئي خاندان سنڌ جا رهواسي آهيو، جهيڙي سان تڪليف ٿي آهي، ذاتي اختلاف ختم ڪيو. ناياب سرڪش طارق سيال آڏو روئي ويٺي. پيپلز پارٽي اڳواڻ طارق سيال چيو ته پاڪ ڪتاب ۽ نياڻي اچڻ تي سڀ ڪجهه ختم ڪيان ٿو.