عمران خان لکت ۾ مطالبا پيش ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي\بئريسٽر گوهر

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جا ٻئي مطالبا حڪومت کي لکت ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ ڳالهين واري ڪميٽي کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. هو اربع ڏينهن اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو.پي ٽي آءِ پاران پيش ڪيل ٻن مطالبن ۾ عمران خان سميت سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ ۽ 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ججن تي مشتمل جڊيشل ڪميشن جوڙڻ شامل آهن.  هن وڌيڪ چيو ته جيستائين ڊيل جو تعلق آهي ته اسان پهريان ئي انڪار ڪري چڪا آهيون ته اهي ڳالهيون ڪنهن ڊيل لاءِ نه آهن. عليما خان جي ان بيان بابت سوال ڪيو ويو، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته عمران خان کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور طرفان نظربندي تحت بني گالا منتقل ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي، بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته سندس راءِ ۾ گنڊاپور طرفان اهڙو ڪوبه پيغام ڪڏهن به ناهي آيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر علي ظفر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ملاقات کانسواءِ حڪومتي ٽيم کي لکت ۾ مطالبا پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.  پي ٽي آءِ باني واضح چيو ته منهنجا مطالبا انهن ماڻهن لاءِ آهن جيڪي بنا ڪنهن ڪيس جي جيل ۾ آهن، اهي ماڻهو جيڪي ڊگهي عرصي کان قيد ڪاٽي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.