شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۾ ملوث اهلڪارن جو جسماني رمانڊ منظور

ڪراچي (رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙعدالت ۾ شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ ۾ ملوث ٻه پوليس اهلڪارن سميت 8جوابدارن کي پيش ڪيو  ويو .عدالت جسماني 5ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي .سرڪاري وڪيل چيو ته هئي اغوا۽ ڀنگ جو ڪيس آهي .عدالت چيو ته اغو ا۽ ڀنگ جو ڪيس ڪهڙي طرح آهي پئسا ڪٿي آهن .عدالت چيو ته درخواستگذار به ٻه نمبر آهي ۽ جوابدار ٻه نمبر آهي،هي ڪيس نٿو ٺهي .عدالت  چيو ته مان جوابدارن  کي ضمانت ڏئي رهيو آهيان اوهان جي آءِ ٺاهيو ، .مان درخواست گذار جي ڪردار کان مطمئن نه آيا .عدالت جاچ آفيسر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان به ڄاڻو ٿا ته هي ڪيس نٿو ٺهي، هي ايف آءِ اي جو ڪيس آهي،  جيڪي جوابدار آهيان هن کي شاهد ٺاهيو ۽ درخواستگذار کي گرفتار ڪرايو .غيرقانوني پئسا به مني لانڊرنگ آهي .جوابدار سيد مزمل ٻڌڻي دوران مسلسل روئيندو رهيو، هن چيو ته پوليس اهلڪار علي رضا منهنجو دوست آهي .جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ وڌيڪ گرفتاريون به ڪرڻيون آهن .جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن جي نشاندهي تي ريڪوري ڪرڻي آهي، وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي. جاچ آفيسر وڌيڪ چيو ته هي فنانشل ڪرائيم ڪيس آهي اسان ايف آءِ اي کي خط لکيو آهي .عدالت ۾ جوابدار ٻڌايو ته اسان جي موبائل فون تان پوليس پئسا ٽرانسفر ڪيا. جوابدارمزمل چيو ته مان ڪميشن جي ڪري گڏ هوس آءٌ ارسلان کي نٿو سڃاڻان.جاچ آفيسر چيو ته جوابدارن درخواستگذار جي اڪائونٽ ۾ 13ڪروڙ رپيا ڪڍيا آهن .جوابدارن ۾ محمد عمر ،علي سجاد .حارٽ صديقي،عمرجيلاني ،سيد مزمل رضا،ظارق  حسين شاهه ،سيد رضوان ۽ نعمان رفت شامل آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.