واڌو واهه تي حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري، سوين گهر ڊاهي پٽ

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميا پاران قاسم آباد جي واڌو واهه تان حددخليون ڄاڻائي اڏاوتن خلاف شروع ڪيل ڪارروائي ڪالهه ٻئي ڏينهن به جاري رهي. ٻن ڏينهن دوران ڪيترائي گهر، دڪان،  واڙا ۽ ٻيون اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سوين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، ماڻهن جو سامان روڊن رستن تي پيل آهي. بي گهر ٿيل ماڻهن سخت سيءَ ۾ کلي آسمان هيٺ رات گذاري، هر ڏينهن تي ٿيندڙ ڪارروائي ۾ متاثرن جو انگ اڃا وڌندو پيو وڃي. ڪارروائي جي پهرين ڏينهن تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن تي انتظاميا پوليس جي وڏي نفري سان گڏ مشينري جو تعداد وڌائي ڪارروائي شروع ڪئي، عورت پوليس اهلڪار پڻ موجود هيون، ضلعي انتظاميا جا عملدار ڪارروائي جي نگراني ڪندا رهيا. ڳوٺ ڪرن خان شورو کان شروع ٿيل ڪارروائي ۾ صبح کان شام تائين وڌيڪ گهر، دڪان، واڙا ۽ ٻيون اڏاتون ڊاهي پٽ ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جو چوڻ آهي ته صورتحال ڪهڙي به هجي هر حال ۾ رياستي حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. جڏهن ته آئون ذاتي طور تي حددخلين جي خاتمي لاءِ هلندڙ ڪارروائي جي نگراني ڪري رهيو آهيان. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن حددخليون هٽائڻ دوران قبضا خورن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي هئي، ان جي باوجود به اڄ پوليس انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي گڏيل ڪوششن سان قاسم آباد جي واڌو واهه جي بحالي جي سلسلي ۾ ڳري مشينري جي ذريعي غير قانوني عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.