نندو ۾ ايس ٽي پي جو احتجاج، ڪينال رٿا کي رد ڪنداسين: قادر مگسي

بدين/نندو ( رازق کوسو/ ن ع آ)  سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ خلاف نندو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي رابطا مهم جي سلسلي ۾ پهريون احتجاجي جلسو  ڪيو، جنهن ۾ سوين ڪارڪن شريڪ ٿيا. جلسي عام کي  خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ڌرتي اسان سنڌين جي ماءُ آهي جنهن جي حفاظت ڪرڻ اسان سمورن سنڌ جي غيرت مند پٽن کي اچي ٿي هن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياءُ تي ڌاڙي جون سازشون اڄ نه ٿيون آهن اهي جنرل ضياءُ ، نواز شريف ۽ جنرل مشرف جي دور کان هلن پيون پر وقت به وقت انهن حڪمرانن اڳيان سنڌ جو ماڻهو بيهي سندس سازشن کي ناڪام ڪيو . وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ٺاهڻ جو اعلان ڪري چڪي آهي جنهن ۾ پيپلزپارٽي ۽ صدر آصف علي زرداري جو وڏو هٿ آهي.  سنڌ جي 20 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمن لاءِ ڏني پئي وڃي. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته لاڙ کان سنڌ جي عوام کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان ۽ پوري سنڌ جو دورو ڪري عوام کي سجاڳ ڪري 24 فيبروي تي لکين ماڻهن جو احتجاج ڪندا سين. ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته شهباز شريف ۽ پنجاب کي ڪابه طاقت ڪونهي ته اهي سنڌو درياءُ مان ايئن ڪينال ڪڍن پر آصف زرداري ۽ سندس ٽولو مليل آهي جنهن کي سنڌ جو عوام هاڻ رد ڪري ڇڏيو آهي سندس ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي. جيڪڏھن ملڪ هنن کي هلائڻو آهي ته هي منصوبا کين ختم ڪرڻا پوندا اسان جو مطالبو اهو آهي ته هي سنڌ دشمن منصوبا فوري ختم ڪيا وڃن ۽ سنڌ جي زمين ڪارپوريٽ فارمين بجائي سنڌ جي هارين کي ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ هي منصوبا ختم نه  ٿيڻ جي صورت عوام روڊن تي ئي هوندي جنهن جو اسان نعرو هنيو آهي. جلسي کان اڳ سنڌ ترقي پسنڌ پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سوين ڪارڪنن بدين نندو روڊ کان شاندار استقبال ڪري جلوس جي صورت ۾ پنڊال ۾ آندو انهي موقعي تي جلسي کي حيدر شاهاڻي ،هوت خان گاڏهي ، شاهنواز پٺاڻ ، يوسف لاکاٽيو ،صديق لاکاٽيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.