اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته حڪومت بي اختيار آهي ته ڪميٽي ڇو ٺاهي وئي؟ حڪومت سان ٽي چار مهينا ڳالهيون ڇو پيا ڪن؟ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه دوران سينيٽر عرفان صديقي پي ٽي آءِ قيادت تي سوال اٿاريو ۽ چيو ته جيڪڏهن حڪومت بي اختيار آهي ته ڪميٽي ڇو ٺاهي. عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ جي خواهش تي ڳالهيون شروع ڪيون ويون، ڪميٽي 5 ڊسمبر تي جوڙي وئي. هڪ مهينو گذري ويو آهي، مطالبن کي حتمي شڪل نه ڏني وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ سان شيون ٺيڪ ڪرڻ اسان جو ڪم آهي. پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ جا در کڙڪائيندي رهي.