پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ حڪومت جي ڌر جا سامھون آيل بيان اشارو ڪن ٿا تھ نھ رڳو هلندڙ ڳالهين جو سلسلو رڪجي ويو آھي پر ڌرين ۾ خاصي وڇوٽي موجود آھي. تاحال سامھون آيل بيانن مان اندازو ٿئي ٿو تھ ڌرين ۾ اعتماد ۽ اعتبار جي کوٽ تھ ھئي پر اھي ھڪ ٻئي جو پاڻي ڪڇي رھيون ھيون ۽ انھن کي گڏجي ڪم ڪرڻ واري خواھش موجود ئي نھ ھئي.اپوزيشن جي وڏي جماعت رڳو معافي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مذاڪرات جي ڳالھھ ڦھڪائي ھئي.پھرين ئي اھو سمجھه ۾ اچي رھيو ھو تھ حڪومت تحريڪ انصاف کي ڪا خاص رعايت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي . نھ رڳو ايترو پر حڪومتي ڍانچي ۽ حڪومت جي مفادن کي نظر ۾ رکندي اھو سمجھڻ ڏکيو نھ ھو تھ شهباز شريف حڪومت خود ان اميد تي بيٺي آهي ته تحريڪ انصاف سياسي ميدان کان ٻاهر رهندي. يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي ايترو ته ڀت سان لڳايو وڃي جو اهو سياسي اثر رسوخ استعمال ڪري ملڪ جي سياست ۾ تبديلي آڻي نه سگهي.
شهباز حڪومت سڄي بيٺي ئي ان بنياد تي آھي تھ اسٽيبلشمينٽ کي ئي خوش رکي ۽ هن وقت اسٽيبلشمينٽ تحريڪ انصاف کي سياست ۾ جاءِ ڏيڻ لاءِ ان ڪري بھ تيار نھ آھي، جو اقتدار ختم ٿيڻ بعد پي ٽي آءِ سڀني کان وڌيڪ عسڪري ادارن ۽ سڌي ريت فوجي اڳواڻن کي نشانو بڻايو آھي.شايد تحريڪ انصاف کي به احساس آهي ته ان کي اسٽيبلشمينٽ کان ڪا رعايت ملڻ ممڪن نه آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ عمران خان ڊسمبر جي شروعات ۾ باقاعدي ڪميٽي ٺاهي ڳالهين جي خواهش ڇو ظاهر ڪئي؟ عمران خان جي اھڙي خواھش واري اعلان تي اڪثر تجزيه نگارن کي اميد هئي ته عمران خان هاڻي ڪنهن قسم جي سياسي مفاهمت چاهي ٿو.
حڪومت ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جا ٻه اجلاس ٿي چڪا آهن. چيو ويو آهي ته ٻئي اجلاس خوشگوار ماحول ۾ ٿيا. هڪ ٻئي کي غور سان ٻڌو ويو آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ احترام جو رويو ڏٺو ويو آهي. پر ان بعد جڏهن ڳالهيون ڪندڙ نمائندا ٻاهر نڪرندا آهن ته اھي ڳالھين ۾ وڌاءُ ۽ ھڪ ٻئي خلاف ليڪو لتاڙي ويندا آھن. ھي جئين تھ سوشل ميڊيا جو دور آھي ۽ ڳالھين ۾ ويٺل ماڻھن جون گھڻيون ئي ڳالھيون سامھون اچي وينديون آھن.جنھن سان فائدو گھٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿيندو آھي.۽ بحران وڌي ويندو آهي. سياسي بحران سان ڪنھن کي بھ ڪجھه ھڙ حاصل نھ ٿو ٿئي، بلڪھ سياسي بحران ۽ عدم استحڪام ملڪ ۾ معيشت سميت ھر شعبي کي نقصان پھچائي ٿو.
مثبت رويو تھ اھو ھوندو آھي تھ ڌريون ھڪ ٻئي جي لاءِ سھولتون پئدا ڪن پر ھي ڪو اھو ئي سمجھي ٿو تھ اھو يا سندس پروگرام درست آھي ان ڪري سياست طور کيس اھميت ملڻ گھرجي، ايترو تھ درست آھي، ُپرامن طريقي سان ماڻھن وٽ پنھنجو پروگرام کڻي ان جي پرچارڪ ڪرڻ ۽ انھن کي شامل ڪرڻ ۽ انھن جي ووٽ ھي طاقت سان اقتدار ۾ اچي ڪري پنھنجي سياسي پروگرام تي عمل ڪري ماڻھن لاءِ سھولتون پئدا ڪرڻ گھرجي. جئين تھ ملڪ ۾ ڳچ وقت کان سياست بندش ھيٺ رھي آھي ان ڪري سياست ۾ انتھاپسنديءَ، تشدد ۽ وڳوڙن کي داخل ٿيڻ جو موقعو مليو آھي.جنھن ۾ ھر دور جي اسٽيبلشمنيٽ جو ھڪ جيترو ھٿ آھي.ھن وقت انھن مسئلن جي ڪري ئي ملڪ ۽ عوام ڀوڳي رھيو آھي.
ڳالھيون شروع ٿيڻ بعد ھڪ خيال اھو ھو تھ پاڪستان تحريڪ انصاف شايد ٿڪجي پئي آھي. جيتوڻيڪ ان وٽ ماڻھو گھڻا آھن، پر سياسي سوچ، سياسي تنظيم ۽ قيادت جي جيل ۾ ھئڻ ڪري اھا ٽولن ۾ ورھايل آھي، اھو ئي سبب آھي تھ ھن وقت تائين اھا ملڪ جي وڏي ۾ وڏي اپوزيشن جي جماعت ھئڻ باوجود ۽ مسلسل احتجاج ۾ رھڻ کانپوءِ بھ ھن وقت حڪومت جي لاءِ ڪو خطرو يا دڙڪو نھ بڻجي رھي آھي.پاڪستان تحريڪ انصاف وٽ سياسي سمجھدار جي کوٽ ھئڻ ڪري سياست مان ڪو فائدو نھ پئي وٺي سگھي.ان جو اھو ضد تھ ڳالھيون رڳو فوج يا اسٽيبلشمينٽ سان ٿينديون، جيڪا نھ رڳو ٻاراڻي ڳالھھ لڳي ٿي پر اھو سمورين سياسي ڌرين جي لاءِ مشڪوڪ بڻجي ٿي، ساڳي وقت اھا ڳالھھ ڪرڻ جو مطلب ھي بھ نڪري ٿو تھ اھا ڪنھن بھ سياسي جماعت کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي.جنھن سان اھا سياسي جماعتن کي پاڻ کان پري ڪري رھي آھي.ھن وقت جڏھن ھڪ موقعو مليو ھو تھ ان مان فائدو وٺڻ جي ضرورت ھئي، سياست جي شعبي ۾ سياست جي روايتن ۽ سياست جي اصولن تي ھلندي حاصل ڪبو آھي ۽ اھا سياست جنگ سياسي طور طريقي سان وڙھبي آھي.
پي ٽي آءِ جي ٻن مطالبن ۾ ڪو به مونجھارو نھ آھي.جنھن ۾ ھڪ عمران خان سميت سمورن قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. ۽ ٻيو 26 نومبر ۽ 9 مئي جي واقعن جي اعليٰ عدالتي جاچ جو مطالبو آهي. پر تحريڪ انصاف ان جاچ ڪميشن ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽن سينيئر ججن کي به شامل ڪرڻ چاهي ٿي.جنھن بابت عام تاثر اھو آھي تھ سينيئر ججن جي مقرري جو مطالبو ان بنياد تي ڪيو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ جو خيال آهي ته موجوده سينيئر جج تحريڪ انصاف سان ھمدرد ي نٿا رکن.
ڳالهين جي ميز تي موجود ٻي ڌر شايد اهڙا مطالبا فوري طور تي مڃڻ لاءِ تيار نه هجي. بهرحال، جڏهن ڳالهين جي شروعات ڪئي ويندي آهي ۽ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته انهن مسئلن تي بحث ڪيو وڃي، اهو ممڪن آهي ته ڌرين مسئلن جي حل لاءِ اضافي گنجائش بھ رکي ويندي آھي.جنھن سان اڳتي وڌڻ جو امڪان رھندو آھي.
شايد ان ڪري حڪومت سامھين ڌر کان لکت ۾ مطالبا گهري هئي. ڇو ته تحريري صورت ۾ ھجڻ سان اھو اندازو لڳائي سگھبو آھي تھ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن ۽ ڪهڙي حد تائين نرمي جو امڪان آهي. پي ٽي آءِ اڃا ائين ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي.بھتر تھ اھو ئي ٿيندو تھ وري ڪنھن نھ ڪنھن سياسي ڌر کي وچ ۾ وجھي معاملي کي اڳيان وڌايو وڃي. ھڪ ٻئي جي پاڻي ڪڇڻ بعد بھ ڳالھيون ڪري ئي نتيجي تي پھچي سگھجي ٿو،