ملڪ جو ڪو به باشعور شهري ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهي ته ملڪ جي معاشي زوال جو سبب ماضي جي حڪومتن جون وقت کي ڌڪو ڏيڻ واريون پاليسيون رهيون آهن، مثال طور ويجھي مستقبل ۾ ملڪ جي معاشي مشڪلات ان وقت وڌي، جڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف تحريڪ جي حڪومت بروقت آءِ ايم ايف پروگرام وٺڻ ۾ ناڪام ٿي ھئي. تن ڏينهن ۾ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي ذميواري پاڪستان تحريڪ انصاف جي معاشي ارسطو اسد عمر جي سَر هئي، پر وقت ثابت ڪيو ته هو صرف ڳالھين جو غازي نڪتو.
معاشي ماھر متفق آھن تھ ماضي جي ، پي ڊي ايم ھجي يا هاڻوڪي مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي اتحادي حڪومت ھجي، وزيراعظم پاڪستان جي پھرين اوليت ملڪ کي معاشي استحڪام فراهم ڪرڻ آهي، اها گھٽ اھم ڳالهه نھ آھي تھ اڄ ڪنھن بھ سطح تي پاڪستان جي ڊفالٽ ٿيڻ جو خطرو نھ آھي ۽ سٺي خبر پاڪستان جو رڳو ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچڻ نھ آھي. بلڪھ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ھن وقت سڀ کان گهٽ سطح تي پهچي چڪي آهي.
ياد رهي ته ڊسمبر 2023ع ۾ مهانگائي جي شرح 29.7 سيڪڙو هئي، معاشي ماهرن موجب مالي سال 2025 جي پھرين 6 مھينن ۾ معيشت استحڪام کان سگھاري ٿيڻ جو سفر طئي ڪري سگھي ٿي. انگ اکر ظاهر ڪري رهيا آهن ته ان ڳالهه جو گھڻو امڪان آهي ته مالي سال 2025ع جي پهرين پنجن مهينن ۾ ٻاهرين ملڪن مان ٻاھرين ملڪن مان پھتل رقم 15 ارب ڊالرن جي مثالي سطح تائين وڃي پهچي سگھي ٿي. ان ڳالهه جو به امڪان آهي ته هلندڙ مالي سال مڪمل ٿيڻ تائين پھچندڙ رقم 35 ارب ڊالرن جي سطح تي وڃي پهچي.
ھوڏانھن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 22 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مثبت سطح تي ھئڻ واري ڳالھھ کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي.حڪومت سيڙپ ڪاري جي ماحول کي بھتر بڻائڻ جي لاءِ پاليسي ريٽ کي 22 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 13 سيڪڙو جي سطح تي آڻي کڻي آئي آھي. انگن اکرن موجب، ھلندڙ سال جي پھرين ڇھن مھينن ۾ ايڪسپورٽ 52 ڏھائي 10 سيڪڙو وڌي آھي، جڏھن تھ ڊسمبر 2024 ۾ سالياني بنيادن تي 0 ڏھائي 67 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
هڪ وڏي پيش رفت اها ٿي آهي ته اڙان پاڪستان تحت ايندڙ پنجن سالن تائين ئي نھ بلڪھ 2035 تائين معاشي ھدف مقرر ڪيا ويا آھن. اهڙي طرح ايندڙ پنجن سالن لاءِ ملڪ جي اوسر جي شرح ۾ 6 سيڪڙو جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
معاشي مسئلن بابت ڄاڻ رکندڙ ماڻھو واقف آهن، جيڪڏهن حڪومتي معاشي پاليسيون جاري رھيون تھ 2035 ع تائين مجموعي قومي پيداوار (GDP) جو حجم هڪ ٽريلين ڊالر ٿي سگهي ٿو. هتي اهو سوال پڇي سگهجي ٿو شهباز شريف حڪومت جي اڙان پروگرام جا ٻيا اهم ھدف ڪهڙا آهن ؟ اصل ۾ ان پروگرام ذريعي برآمداتي بنيادن تي معيشت جوڙڻ وڏو ھدف آهي، موجوده وقت ۾ جھڙي ريت انفارميشن ٽيڪنالوجي جو چرچو آھي.ان کي نظر ۾ رکندي خيبر کان ڪراچي تائين ڊجيٽل انقلاب جي موجودگيءَ کي يقيني بڻائڻ ھن پروگرام جو حصو آھي. پاڪستان کي هڪ ٻيو وڏو چئلينج ماحولياتي گدلاڻ جي صورت ۾ سامھون آھي. اڙان پروگرام تحت اهڙين پاليسين ۽ قدمن کي يقيني بڻائڻ مقصد آهي جيڪو پاڪستان کي هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ ۾ مدد ڏيندر ثابت ٿئي.
ھن پروگرام جو هڪ اهم منصوبو ملڪ جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ آهي، اهو سمجهڻ لاءِ ڪنهن سقراط جي ضرورت نه آهي ته معيشت تڏهن ئي ترقي ڪري سگهي ٿي جڏهن هتي صنعتي شعبي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي.ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جو وزن اھو آھي تھ سماجي تبديلي کانسواءِ سياسي ۽ معاشي تبديلي جو خواب پورو نه ٿو ٿي سگهي، ان ڪري حڪومت جي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته تعمير ۽ ترقي جي سفر ۾ قومي سطح تي اتفاق، اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺرائي وڃي. ۽ اڙان پروگرام ايندڙ پنجن سالن ۾ برآمدات کي 60 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
شھبازشريف حڪومت جو اھو بھ ارادو آھي تھ ايندڙ 5 سالن ۾ جي ڊي پي، جي شرح کي 6 سيڪڙو تائين آندو وڃي.پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي کي نوجوانن جي روشن مستقبل سان ڳنڍي سگھجي ٿو. اهڙي ريت اڙان پروگرام تحت فري لانسنگ انڊسٽري کي پنج ارب ڊالرن تائين وٺي وڃڻ جو هدف ڏيکاريو ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هر سال ٻه لک آءِ ٽي. گريجوئيٽس پيدا ڪيا ويندا، ماحولياتي بهتري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ھن پروگرام تحت گرين هائوس گيسز ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، اسان سڀني کي خبر آهي ته جڏهن ڪو ملڪ زراعت ۾ خودمختيار هوندو ته ان تحت مڪمل خودمختياري جي منزل تائين پهچي سگهي ٿو.ان ڪري اڙان پروگرام تحت پوکي لائق زمين ۾ 2 سيڪڙو اضاف ۽ پاڻي کي ذخيري ڪرڻ جي گنجائش ۾ 10 ملين ايڪڙ فوٽ تائين وڌائڻ جي رٿ رٿي وئي آھي.
توانائي جي شعبي ۾ تجديد ٿي سگھڻ جھڙي توانائي کي 10 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آھي.پاڪستان ۾ غربت جو خاتمو به ھڪ وڏو چئلينج آهي، مسلم ليگ ن ۽ ان جي اتحادي حڪومت ان معاملي کي آھستي آھستي منھن ڏيڻ جي پاليسي جوڙي آھي.اڙان پروگرام تحت ايندڙ سالن ۾غربت جي شرح ۾ 13 سيڪڙو گهٽتائي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ماھرن جو خيال آھي تھ جيڪڏھن شھبازشريف حڪومت اھڙي طرح ئي اڳيان وڌندي رھندي تھ هڪ خوشحال، پرامن ۽ مستحڪم پاڪستان جو خواب پورو ٿيڻ نا ممڪن نه ٿيندو.