موسمي تبديلي جو انساني زندگي تي پوندڙ ناڪاري اثر

تحرير: محمد اسماعيل لانگاھ 

هن وقت پوري دنيا اندر ڪلائيميٽ چينجنگ سبب سرد ۽ گرم علائقن جي ماحول ۽ آب هوا ۾ وڏي پئماني تي تبديلي نظر اچي رهي جيڪي علائقا سرد رهندا هئا انهن ۾ موسم يا ته  نارمل يا ته  گرمي وڌيڪ ته ڪڏهن سردي وڌيڪ ٿي رهي آهي.  جنهن جو انسانن توڙي جانورن تي خراب اثر پئجي رهيو، جيڪو موسمي اثر پوري دنيا اندر پکڙجندو پيو وڃي.

اسان جي ملڪ اندر به  هاڻي موسم ۾ وڏي موسمي تبديل نظر اچي پئي، موسمي  تبديلي جو پوري ماحول تي اثر پئجي رهيو آهي، هن وقت پوري ملڪ اندر سخت سردي جي لهر پکڙيل آھي جيڪا مسلسل هلي رهي آهي ۽ جيڪو پهرين ايئن نه هو سردي جون لهرون ڪڏهن ڪڏهن پکڙبيون هيون گرمين ۽ سردين ۾ واڌ  جا ناڪاري اثر تعليمي درسگاهن تي به وڌيڪ اثر انداز ٿي رهيا آھن  ۽ موسميات کاتي جون ڏنل رپورٽون به ڪڏهن ڪڏهن سچ  ته ڪڏهن ڪوڙيون ثابت ٿي رهيون آھن ۽ انهن موسمي اثرن جو عام توڙي خاص ماڻھن تي به گهرو اثر پئجي رهيو.

ان کان سواءِ جانورن توڙي فصلن لاءِ به موسم بهتر نظر نه پئي اچي گرمين وارا فصل سردين ۽ سردين وارا فصل وقت کان اڳ پوکجي ۽ لڻجي رهيا آھن، موسمي بدلاءِ جي ڪري  جانور ۽ پکين به پنهنجا اصل واهيرا ۽ گهر ڇڏي وڃي نارمل موسم رهندڙ علائقن ۾ اجها ۽ آکيرا اڏيا آهن .گرمين جي موسم ۾ گرمي جو گهڻو اثر ٿيڻ کانپوءِ وري برساتن جو وڌيڪ وسڻ به عام توڙي خاص انسانن ۽ جانورن ۽ پکين لاءِ  ناساز ٿيندو پيو وڃي.  تعليم جي حوالي سان جڏهن به پوري ملڪ اندر گرمين يا سردين جو موڪلون ڪيون وڃن ٿيون انهن ڏينهن ۾ نه ايتريون گرميون هجن ٿيون نه وري سرديون مثال طور هن وقت سنڌ ۾ سردي جون موڪلون ڏھ ڏينهن ٿين ٿيون ۽ جڏهن موڪلون ختم ڪري اسڪول کوليا وڃن ٿا ته سردي جي لهر به شروع ٿئي ٿي جنوري مهينو برساتن ۽ ڪوهيڙي جي سردي جو مهينو آهي، جنهن ۾ سنڌ اندر سردي سبب ٽيمپريچر هيٺين ليول تي اچي وڃي ٿو، جنهن سبب ٿڌ پنهنجي عروج تي پهچي ٿي ۽ ان دوران اسڪولن ۾ معصوم ٻارن جي پڙهائي سخت متاثر ٿئي ٿي.

ماحولياتي گدلاڻ، ٻيلن جي ناجائز واڍين سبب به خراب اثر  پئجي رهيا گذريل سال پاڪستان ۾ سڄي ملڪ اندر جنوري مهيني جا ٽيهھ ڏينهن ڪوهيڙو رهيو ۽ هن سال ايئن ناهي ٿيو پوري دنيا اندر ڪلائيميٽ چينجنگ سان گڏوگڏ اسان کي گهرجي ته اسين به پنهنجي روز مره جي ڪاروهنوار جي وقت ۾ موسم جي  حساب سان تبديلي آڻيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.