ڪراچي(م ڊ) ڪراچي ۾ شارٽ ٽرم اغوا ۽ ڊجيٽل ڦر جي واقعن تي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) انچارج راجا عمر خطاب ۽ سي پيڪ جي ڊي ايس پي فرخ کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ شارٽ ٽرم اغوا ۽ ڊجيٽل ڦر تي ڪارروائي ڪندي سي ٽي ڊي آفيسر راجا عمر خطاب ۽ سي پيڪ ڊي ايس پي فرخ کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو، ٻنهي آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي آفيسرن کي سينٽرل پوليس آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب، موبائل فون مختصر مدي جي اغوا ۽ بٽ ڪوئن جي ڦرلٽ ۾ استعمال ڪيا ويا، سي ٽي ڊي آفيسر ماضي ۾ به شارٽ ٽرم اغوا ۾ ملوث رهيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ آن لائين فراڊ ڪندڙن کي سي ٽي ڊي جي مدد حاصل هئي، مختلف علائقن ۾ قائم آن لائن فراڊ ڪال سينٽرن تان به ماهوار ڀتا ورتا پيا وڃن، واضح رهي ته ڪراچي جي اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل (اي وي سي سي) پاران ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي هڪ اهلڪار سميت 7 جوابدارن کي ڪراچي ۾ هڪ ڪرپٽو ڪرنسي ڊيلر کي اغوا ڪري سندس اڪائونٽ مان 3 لک 40 هزار ڊالر منتقل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، اي وي سي سي جو چوڻ آهي ته 25 ڊسمبر تي پوليس موبائل ۾ اغوا ٿيل ڪرپٽو ڪرنسي جي واپاري ارسلان کي منگھوپير کان اغوا ڪيو ۽ کيس مزار قائد جي ويجهو اڇلائي فرار ٿي ويا، اختيارين موجب جوابدارن خلاف اغوا ڀنگ سميت ٻين قاعدن تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.